مڇي جي اهميت ڪهڙي بيان ڪجي، جيترو ذائقو سٺو اوترو غذائيت سان به ڀرپور تنهنڪري ان جو ملهه وڃي آسمان سان لڳو آهي. ڪجهه سال اڳ اها غريب جي خوراڪ هئي ۽ هاڻ غريب ويچاري جي پهچ کان ٻاهر ٿي وئي آهي پر ان جي پالنا غربت ختم ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين ذريعو آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ غريب ماڻهو ننڍا ننڍا فارم کولي سٺو وقت گذر پيا ڪن ۽ ڪيترا ته فش فارمنگ ذريعي ترقي ماڻي امير ٿي ويا آهن. فش فارمنگ غريب ۽ امير ٻنهي جي وس ۾ آهي ايئن کڻي چئجي ته مڇي جي پالنا چند فٽن جي هڪ ننڍڙي کڏي ۾ به ڪري سگھجي ٿي ته وري ڪيترائي ايڪڙ وڏي تلاءَ ۾ پڻ. تلاءَ ننڍو هجي يا وڏو ٻنهي کي جيڪڏهن توجهه ڏبو ۽ مڪمل جاکوڙ ڪبي ته اهي فائديمند ٿيندا ٻي صورت ۾ نقصان جو انديشو رهندو. ڪو وقت هو جڏهن سنڌ ۾ مڇي جي پالنا اها هئي ته تلاءَ ٺاهيو، پاڻي سان ڀريو، مڇي جو ٻچو وجهو ۽ سال بعد اچي خبر لهو پوءِ جيڪا مڇي نڪتي يعني کٽن ڀاڳ. پر هاڻ وقت بدلجي ويو آهي، هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي ۽ ماڻهن جو وقت به مهانگو آهي تنهنڪري سوچ به بدلڻ گھرجي ۽ مڇي جي پالنا به ڪنهن سائيڊ جاب بجاءِ هڪ مڪمل ڌنڌي وانگر ڪجي ۽ ان لاءِ فني مهارت جو استعمال ڪجي ۽ مڇي جي پالنا جي ضرورتن ۽ گهرجن کي مدنظر رکجي ته جيئن پنهنجي مرضي مطابق نتيجا حاصل ڪري سگهجن ۽ پيسي ۽ وقت جي سيڙهپ مان منافعو حاصل ٿئي.
مڇي جي پالنا جي اهميت مڇي اڪثر ڪري ٻين روايتي فصلن جي مقابلي ۾ وڌيڪ منافعو ڏئي ٿي. ڪيترن ئي مطالعن ۾ مڇي، پالتو جانورن ۽ ڪڪڙن جي پيداواري لاڳت جي ڀيٽ ڪئي وئي آهي جن مطابق تلاءَ ٺاهڻ جي ڪري ان جي ابتدائي لاڳت ته وڌيڪ آهي پر ڊگھي مدي لاءِ مڇي وڌيڪ منافع بخش ثابت ٿي آهي. وٿاڻ جي ڀاڻ، ڪڪڙن جي وٺن ۽ ٻين سستي ڀاڻن جهڙوڪ سائي ڀاڻ جي استعمال سان هڪ ايڪڙ مان تقريبن ٻه ٽن تائين مڇي جي پيداوار وٺي سگهجي ٿي، جڏهن ته ساڳيءَ ايراضي ۾ جانورن جي چارڻ سان ان جي اڌ جيتري پيداوار مس حاصل ٿئي ٿي. ساڳي ايراضي ۾ گڏيل فارمنگ ذريعي (يعني مڇي سان گڏ جانور، ڪڪڙ يا بدڪون پالڻ سان) مڇي جي پيداوار تي ٿيندڙ خرچ گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي پيداوار پڻ وڌائي سگهجي ٿي ۽ واڌو آمدني حاصل ڪري سگھجي ٿي.
مڇي تمام بهتر انداز ۾ خوراڪ کي گوشت ۾ تبديل ڪري ٿي جهڙي ريت ڪڪڙ، پر مڇي کي اها مٿڀرائي حاصل آهي ته ان کي زندگي جي ڪاروهنوار ۾ تمام گهٽ توانائي جي ضرورت پوي ٿي، ڇو ته پاڻي ۾ هجڻ ڪري ان کي چرپر ۽ بيلنس ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش ڪونه ٿي اچي، وري ”ٿڌي رت“ وارو جانور هئڻ ڪري ان کي پنهنجي جسم جي درجه حرارت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪا گھڻي توانائي خرچ ڪرڻي ڪونه ٿي پوي، جيئن زميني جاندار ڪن ٿا، تنهن ڪري مڇي ۾ اها واڌو توانائي گوشت ٺهڻ تي خرچ ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري هڪ ڪلو وزن جو گوشت پيدا ڪرڻ لاءِ مڇي ٻين جاندارن جهڙوڪ ڪڪڙ، ٻڪري ۽ ڳئون، مينهن جي مقابلي ۾ گهٽ خوراڪ خرچ ڪري ٿي.
غيرآباد ۽ گهٽ ذرخيز زمين جو استعمال بهترين زمين تي ٺهندڙ تلاءَ بهترين پيداوار ڏين ٿا، پر ناقابل استعمال ۽ گهٽ زرخيز زمين مان پڻ مڇي جي سٺي پيداوار وٺي سگهجي ٿي، جيئن غيرآباد پيل هيٺانهيون يا ڪلراٺيون زمينون جيڪي ڪنهن ٻئي فصل جي پوکي لائق نه هجن، مڇي پالڻ جي ڪتب اچي سگهن ٿيون. اهڙي زمين جي کوٽائي ۽ بندن جي تعمير تي خرچ به گهٽ ايندو ۽ بيڪار زمين بهترين پيداوار به ڏئي سگهندي. کاري ۽ لوڻياٺي زمينن ۽ وارياسي ۽ جابلو زمينن ۾ پڻ ٿوري گهڻي پيرڦار سان تلاءُ ٺاهي مڇي پالي سگهجي ٿي.
قدرتي وسيلن جو استعمال دريائي پاڻي کان علاوه برسات يا نئين يا چشمي جي پاڻي کي پڻ گڏ ڪري مڇي جي پالنا لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ان طرح مٿانهين ۽ جابلو علائقن ۾ پڻ مڇي پالي سگھجي ٿي ۽ اهڙن هنڌن تي تلاءَ جي تعمير سان ٻٽو فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو ڇو ته تلاءُ جي پاڻي کي ٻين ڪيترن ئي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو جهڙي طرح زراعت يا وڻ راهه. ساڳي ريت مڇي جو تلاءَ ريگستان کي به نخلستان ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو.
مڇي جي پالنا تلائن کان علاوه ڍنڍن، دريا يا سمنڊ ۾ ڄاري جو پڃرو ٺاهي مڇي پالي سگھجي ٿي اهڙي طرح جيڪڏهن ڪنهن وٽ زمين نه آهي ته به مڇي پالي منافعو ڪمائي سگهجي ٿو.
سج جي روشني پاڻي ۾ مڇي جي خوراڪ (ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا ۽ جانور) پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهي ۽ ڪيميائي يا وٿاڻ جي ڀاڻ جي استعمال سان ان خوراڪ کي وڌائي سگهجي ٿو ۽ اهڙي طرح مڇي جي واڌ به گھڻي ٿي سگهندي ۽ واڌ جو عرصو پڻ گھٽ ٿي ويندو.
گڏيل فارمنگ ننڍي آبادگارن جو پوکي راهي جي آمدني مان گذارو ڪرڻ ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندو پيو وڃي. مٿان وري موسمي حالتون جيڪڏهن صحيح نه رهن يا پاڻي جي کوٽ يا اوچتي برساتن يا ٻين قدرتي آفتن جي ڪري فصل ناس ٿي وڃي ته آبادگار ويچارو تمام ڏکين حالتن ۾ اچي ويندو آهي. اهڙي ڳڻتي جوڳي صورتحال سان منهن ڏيڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته آبادگار زمين کيڙڻ سان گڏ واڌو آمدني لاءِ ٻيا منافع بخش ذريعا اختيار ڪري. ان حوالي سان جيڪي ڌنڌا مفيد ۽ موزون سمجهيا وڃن ٿا تن ۾ وڌيڪ نفع بخش پولٽري فارمنگ، ريشم جا ڪيڙا پالڻ، ماکي پالڻ، وڻ ۽ باغ لڳائڻ کان علاوه جانورن ۽ مڇين جي پالنا شامل آهي.
ٻين ڪيترن ئي ڪرتن کان مڇيءَ جي پالنا نسبتن آسان ۽ پائيدار آهي ڇو ته علائقي ۾ قدرتي طرح موجود وسيلا ئي ڪتب اچن ٿا. جڏهن ته ان کي ٻين زرعي فصلن ۽ لائيو اسٽاڪ جي پالنا سان گڏائجي ته فارمر جي مجموعي پيداوار ۾ ڦيرڦار سان گڏوگڏ (وسيلن جي دانشمندانه استعمال جي ڪري) اضافو پڻ ٿيندو ۽ نقصان جو انديشو مختلف شعبن ۾ ورهائجڻ ڪري فارم جي ناڪام ٿيڻ جو امڪان نه رهندو.
مڇي جي تلاءَ جا واڌو فائدا مڇي جي تلاءَ مان مڇي جي سٺي پيداوار وٺڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي فائدا وٺي سگهجن ٿا. مثال طور: ٻين فصلن لاءِ پاڻي جي فراهمي (جهڙوڪ: ڀاڄين ۽ سارين جي ٻيجاري لاءِ)، مال جي پاڻي پيئڻ لاءِ هنڌ ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪيترن ئي گهريلو استعمالن کان علاوه هڪ اهم فائدو هي به آهي ته مڇي جو تلاءَ ڀر وارين زمينن جو سيڪ ختم يا گهٽ ڪرڻ لاءِ تمام فائديمند ثابت ٿيو آهي ۽ ان سان انهن زمينن جي پيداوار ۾ وڏو اضافو رپورٽ ٿيو آهي.
آبي پالنا جي درجه بندي مڇي جي پالنا مختلف حالتن هيٺ ڪري سگهجي ٿي، جيڪا فني مهارت ۽ موڙي جي گهٽ وڌائي سان گڏوگڏ محنت ۽ مشين جي استعمال جي فرق جي ڪري مختلف سطحن تي ٿي سگهي ٿي.
هڪ سادو طريقو هي آهي جنهن ۾ گهٽ فني حرفت ۽ وسيلا درڪار هوندا ۽ قدرتي ماحول جي ٿورڙي پيماني تي ترميم ۽ تبديلي ڪرڻي پوندي، اهڙي طريقه ڪار کي عام رواجي فارمنگ چئي سگهجي ٿو. جيئن جيئن فني مهارت ۽ وسيلن جي استعمال کي وڌائبو ۽ قدرتي ماحول تي وڌيڪ ضابطو رکبو ته مڇي جي پالنا وڌيڪ بهتر رخ اختيار ڪندي يعني اثرائتي فارمنگ مان ڀرپور پيداوار حاصل ٿيندي. عام رواجي فارمنگ کي ڪڪڙن کي گھرن ۾ پالڻ سان مشابهت ڏئي سگھجي ٿي، جڏهن ته اثرائتي يا ڀرپور فارمنگ کي ڪڪڙن جي فارمن ۾ پالنا سان ڀيٽي سگھجي ٿو.
پنهنجن علائقن ۾ مڇي جي اڪثر فارمن کي ايڪسٽينسو يا عام رواجي فارم چئي سگهون ٿا ڇو ته انهن فارمن ۾ مڇي پالڻ لاءِ ڪا گھڻي اڻ تڻ ڪونه ڪن فقط مڇي جو ٻچو جنهن جو تعداد به پورو پنو، فارمن ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ ٿورو گھڻو يا ڪو قسمت سان وٿاڻ جو ڀاڻ يا ڪڪڙين جون وٺون تلاءَ ۾ وجهن باقي الله الله ۽ خير صلح، تلاءَ جي سارسنڀال به ڪو ڇهين ٻارهين مهيني لهون. اهڙي پالنا جي نظام هيٺ پيداوار به گهٽ ايندي ۽ نه اچڻ جو به وڏو امڪان رهندو. پر وڏي تعداد ۾ مڇي جو ٻچو تلاءَ ۾ وجهڻ سان گڏ سٺي ڪوالٽي جي خوراڪ يا ڪيميائي ۽ وٿاڻ جي ڀاڻ مان ڪنهن هڪ يا ٻنهي جي گهڻي مقدار ۾ استعمال سان گڏوگڏ پاڻي جي ڪوالٽي ۽ مڇي جي صحت ۽ واڌ ويجهه تي مڪمل ظابطي واري نظام کي ڀرپور فارمنگ سڏجي ٿو ۽ اهڙي انتظام جي نتيجي ۾ پيداوار به گهڻي وٺي سگهجي ٿي. ان سسٽم ۾ ايريٽر ذريعي پاڻي ۾هوا يا آڪسيجن شامل ڪرڻ يا پاڻي تبديل ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي ۽ ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي قدم کڻڻا پوندا آهن پر ان مان مالي فائدو به اوترو ئي وڌيڪ ملندو.
جڏهن ته فني مهارت، تلاءَ جي سار سنڀال ۽ وسيلن جي وچولي استعمال سان وچٿري پيداوار ملندي ۽ اهڙي سسٽم کي نيم ڀرپور فارمنگ چئون ٿا. جيڪڏهي زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکجي ۾ ته هي وچولي درجي واري فارمنگ ئي اسان جي علائقن ۾ جٽادار ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ انڪري اسان جي دلچسپي جو موضوع به اها ئي آهي.
تلاءَ سڪائڻ يا زهر سان فالتو جيوت ختم ڪرڻ .تلاءَ سڪائي خشڪ ڪجي ته جيئن غير ضروري مڇيون ۽ نقصانڪار جيوت جو خاتمو ٿئي ۽ تلاءَ جي زمين جي زرخيزي ۾ واڌارو ٿئي. جيڪڏهن ممڪن هجي ته تلاءَ جي تري کي کيڙجي، ان سان ان جي زرخيزي ۾ واڌارو ايندو ۽ خوراڪي جزا جهڙوڪ فاسفورس ۽ نائٽروجن قابلِ استعمال هالت ۾ اچي ويندا ۽ ان کان علاوه هاڃيڪار جيوڙا پڻ ختم ٿي ويندا جيڪڏهن تلاءَ خالي ڪرڻ ممڪن نه هجي ته تلاءَ ۾ زهر وجهي اڻ گھربل مڇين ۽ نقصانڪار جيوت جو خاتمو ڪرڻ گھرجي، پر زهر وجهڻ کان اڳ تلاءَ ۾ موجود تمام مڇي پڪڙڻ گهرجي ۽ مڪمل اطمينان ڪجي ته تلاءَ ۾ وڌيڪ مڇي نه آهي
ڄاري تلاءَ ۾ پاڻي ڇڏڻ کان پهريان تمام سنهي پلاسٽڪ جي ڄاري (60 سوراخ في انچ واري) جي ڳوٿري ٺاهي تلاءَ جي اندرئين پاسي پائيپ ۾ لڳائڻ گهرجي ته جيئن اڻ گهربل يا شڪاري مڇين ۽ انهن جي آنن جي داخلا کي روڪي سگهجي. ڄاري ٻيڻي ڪري لڳائجي ۽ ان کي روزانو چيڪ ڪجي ۽ ڦاٽي پوڻ جي صورت ۾ ٻي لڳائجي. فالتو ۽ شڪاري مڇين ۽ جانورن جي تلاءَ ۾ داخلا تي مڪمل ظابطي لاءِ ضروري آهي ته تلاءِءَ جي ٻاهرئين پاسي کان به وڏن سوراخن واري لوهه يا المونيم جي ڄاري لڳائجي ته جيئن ڪک ڪانا ۽ نقصانڪار مڇيون ۽ جانور پلاسٽڪ جي ڄاري تائين نه پهچي سگھن ۽ ان کي نقصان نه پهچائي سگهن.
ٻچو وجهڻ مڇي جو ٻچو سيارو ختم ٿيڻ کان فورن پوءِ فيبروري يا مارچ جي شروع ۾ وجهڻ گهرجي مڇي جو ٻچو زهر وجھڻ جي تقريبن 15 کان 18 ڏينهن بعد وجهڻ گھرجي ٻچي جي مقدار جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته توهان ڪيتري سيڙپ ڪرڻ چاهيو ٿا. جيڪڏهن توهان مڇي جي پالنا ڀرپور انداز ۾ ڪرڻ چاهيو ٿا ته مڇي جو ٻيجارو گھڻو وجھبو ۽ خوراڪ ۽ ڀاڻ به اوترو وڌيڪ پوندو ۽ تلاءَ جي سنڀال به اوتري ٿيندي ۽ مڇي جي صحت جي سارسنڀال به ججهي لهبي. پر جيڪڏهن مالي وسيلا گھٽ آهن ته ٻچي جو تعداد ٿورو وجهڻ سان گڏوگڏ خوراڪ ۽ ڀاڻ به گھٽ پوندو ۽ تلاءِ ۽ مڇي جي سارسنڀال جي ضرورت به گھٽجي ويندي.
(ٻچي جي تعداد جي رهنمائي لاءِ پڙهندا ”مڇي جي ٻچي جو تعداد ڪيئن مقرر ڪجي؟“
تلاءُ جي روزاني سارسنڀال عام طرح ٿيندو ايئن آهي ته هيٺاهين زمين کي هلڪا بند ڏياري، مڇي جو غير معياري ٻج هِتان هُتان هٿ ڪري اهو تلاءُ ۾ وجهي ڇڏيندا آهن ۽ سال ڇهين مهيني ڪو تلاءُ جي سار سنڀال لهندو ته ٺيڪ نه ته مڇي جو ٻج وجهڻ بعد وساري ڇڏيندا آهن ته ڪو پنهنجو پيسو پاڻي هيٺان پيل آهي، پوءِ اهو محفوظ به آهي ۽ وڌي ويجهي به ٿو يا نه، بس وري مڇي ڪڍڻ مهل خبر لهندا ۽ تڏهن خبر پوندي آهي ته مڇي وڌي نه آهي، يا ڪنهن بيماري جو شڪار ٿي ختم ٿي وئي آهي يا مورڳو چوري ٿي وئي آهي يا ڪو ٻيو مسئلو اٿس!!!! انهي تمهيد جو مقصد اهو آهي ته مڇي جي ڪاروبار شروع ڪرڻ کان اڳ سڀ لاها چاڙها ذهن ۾ رکڻ گھرجن ۽ ٻين فصلن يا جانورن جي پالنا ۾ جيئن هر شئي جو خيال رکيو ويندو آهي ۽ چڱي ريت سار سنڀال لڌي ويندي آهي تيئن مڇي جي پالنا ۾ به رکڻ گھرجي ته جيئن بهتر ۽ وڌيڪ پيداوار حاصل ٿئي ۽ سيڙپ ڪيل موڙي ٻڏڻ جو ڪو خطرو نه رهي. ان لاءِ هيٺيون ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ گھرجن:
تلاءُ جو پاڻي چيڪ ڪندو رهجي ته جيئن ان جي ڪوالٽي برقرار رهي پر جيڪڏهن ان جو رنگ تبديل ٿيڻ لڳي يا ان ۾ بدبو محسوس ٿئي يا ڇيٻرو ڄمڻ لڳي ته فورن قدم کڻجي ٻي صورت ۾ آڪسيجن جي گھٽتائي ٿي سگھي ٿي. تلاءُ ۾ آڪسيجن جو گھٽ ۾ گھٽ مقدار 5 ملي گرام في ليٽر هئڻ گھرجي. مڇيءَ جي نارمل چرپر پڻ ان جي صحتمنديءَ جو اهڃاڻ آهي تنهنڪري روزانو ان کي جانچجي، بهتر آهي ته صبح جو سوير اهڙو جائزو وٺجي. تلاءُ ۾ ٻوٽا (جهڙوڪ پن، نڙ، ڏِير، پٻڻ وغيره) ۽ گند گاهه پيدا ٿيڻ نه ڏجن ڇو ته اهي مڇيءَ جي واڌ لاءِ گھربل غذائي جذن کي جذب ڪري وٺن ٿا ۽ آڪسيجن جي گھٽتائي جو سبب بڻجن ٿا. ان جو هڪ آسان طريقو هي آهي ته ڀاڻ جو استعمال فيبروري کان ئي شروع ڪجي ۽ سياري شروع ٿيڻ تائين جاري رکجي، ان سان ٻوٽن کي روڪڻ سان گڏ مڇي جي پيداوار ۾ به اضافو ٿئي ٿيندو مڇي جي تلاءَ ۾ لوڻياٺ تقريبن نه هئڻ برابر هجي يعني پاڻي ماڻهن جي پيئڻ لائق هجي ۽ کارپد 7 کان 8.5 تائين. خوراڪ ۽ ڀاڻ حد کان وڌيڪ نه ڏجي ڇو ته اهي پيسي جي زيان سان گڏ پاڻي جي خرابي جو سبب بڻجن ٿا ۽ تلاءَ جي تري ۾ جمع ٿي نقصانڪار گئسن جهڙوڪ هائيڊروجن سلفائيڊ يا امونيا ۽ ٻين تقصانڪار مادن ۾ واڌ ۽ آڪسيجن جي گھٽتائي جو سبب بڻجن ٿا. ان لاءِ وقتن فوقتن تلاءَ جي تري کي چيڪ ڪندو رهجي ۽ خوراڪ ۽ ڀاڻ جو مقدار گھٽ ڪرڻ گھرجي. مڇي جي چوري به هڪ اهم مسئلو آهي تنهنڪري ان کان بچاءُ جا اپاءُ به چڱي ريت وٺڻ گھرجن مڇي جي پالنا متعلق ڪنهن به قسم جي معلومات يا ڪو مسئلو درپيش هئڻ جي صورت ۾ عطائي ڊاڪٽرن جيان ڪنهن اڻڄاڻ ماڻهو سان رجوع ڪرن بدران فش فارمنگ جي ماهرن يا ڪنهن ڪامياب ۽ ڄاڻو فش فارمر سان رابطو ڪري رهنمائي وٺڻ گھرجي ته جيئن مسئلي جو فوري طور ۽ سائنسي بنيادن تي حل ڳولهي سگھجي ۽ ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگھجي
مڇي جي پالنا خاص طور تي ننڍن آبادگارن لاءِ واڌو آمدني جو بهترين ذريعو آهي جنهن ذريعي ٿوري خرچ يا سيڙپ مان وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ آبادگار ان مان پنهنجي آمدني ۾ خاطر خواهه اضافو ڪري سگھن ٿا پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مڇي جي پالنا هڪ ڌنڌي وانگر ڪجي ۽ مڇي جي صحت ۽ ان جي واڌويجهه تي مڪمل نظر رکجي. مڇي جي سنڀال ان لاءِ به وڌيڪ اهم آهي ڇو ته اها پاڻي هيٺ آهي ۽ جيڪڏهن ان جي مناسب سنڀال نه ڪئي ويندي ته سيڙپ ٻڏي سگهي ٿي.