مڇي جي خوراڪ ۽ ڀاڻ جو استعمال (مڇي جي تلاءَ ۾ زرخيزي وڌائڻ لاءِ ڪيميائي ۽ وٿاڻ جي ڀاڻ جو استعمال)
اسان ماڻهو مڇي پڪڙڻ ۽ کائڻ ته ڄاڻون پر پنهنجي ٻهراڙين ۾ تعليم گھٽ هئڻ ڪري اسان کي مڇي جي پالنا جي صحيح ڄاڻ نه آهي تنهنڪري اڪثر ڪري اسان جي فش فارمنگ به تقريبن ناڪام آهي. اهڙين اڻڄاڻاين ۾ هڪ اها به آهي ته اسان سمجهندا آهيون ته مڇي مٽي کائيندي آهي يا گاهه کائيندي آهي پر حقيقت ۾ ايئن نه آهي. مڇي جي وات يا پيٽ ۾ مٽي ضرور ويندي آهي ڇو ته اها تلاءَ جي تري مان خوراڪ تلاش ڪندي آهي تنهنڪري خوراڪ سان گڏ مٽي به شامل ٿي ويندي آهي. ڪجهه مڇيون گاهه به کائن ٿيون جهڙواڪ گراس ڪارپ پر اڪثر مڇين جي بنيادي خوراڪ ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا ۽ ننڍڙا خوردبيني جانور آهن. انهن کان علاوه پاڻي جا ڪيڙا ۽ جيت جڙيا به اڪثر مڇين جي خوراڪ جو حصو آهن.
:مڇي جي خوراڪ جي لحاظ سان درجه بندي مڇي کي خوراڪ جي لحاظ سان ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. الف: اهي مڇيون جيڪي ساوڪ سان لاڳاپيل شيون کائن. انهن مان اڪثر جي خوراڪ ۾ ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا شامل آهن. ب: اهي مڇيون جن جي خوراڪ گاڏڙ ساڏڙ خوراڪ تي مشتمل آهي جيئن ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا ۽ ننڍڙا خوردبيني جانور. اهڙين ڪجهه مڇين جي خوراڪ ۾ ڪيڙا ۽ جيت جڙيا، ڪوڏ، سپيون وغيره به شامل آهن مثال طور ڪرڙو يا ڏمڀرو، موراکي ۽ گلفام. ڪجهه مڇيون انهن سان گڏ پاڻي اندر پيدا ٿيندڙ ننڍا ٻوٽا به ٿورڙي مقدار ۾ کائين. ج: اهي مڇيون جيڪي گوشت کائن. انهن کي عام طرح اسان شڪاري مڇيون چوندا آهيون جيئن ڄرڪي، سينگاري يا کڳو وغيره.
ڪنهن به تلاءَ ۾ مڇي جي پيداوار وڌائڻ ۾ زرخيزي خاص اهميت رکي ٿي، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته زرخيزي تلاءَ ۾ مڇي جو کاڌو پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي ضرورت آهي. ڪنهن به تلاءَ ۾ هٿرادو طريقي سان زرخيزي پيدا ڪرڻ سان ٽي کان چار دفعا مڇي جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. تلاءَ ۾ ذرخيزي وڌائڻ جو بهترين ذريعو وٿاڻ جو ڀاڻ ۽ ڪيميائي ڀاڻ آهن. تلاءَ ۾ مناسب مقدار ۾ ڀاڻ جي استعمال سان مڇي جي في ايڪڙ پيداوار 500 کان 1000 ڪلو گرامن تائين وڌائي سگهجي ٿي. ڀاڻ جي استعمال سان پاڻي جي ذرخيزي وڌندي ته پاڻيءَ ۾ ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا تمام گهڻي تعداد ۾ پيدا ٿيندا. اهي ٻوٽا تلاءَ ۾ کاڌي جو بنياد بنجن ٿا انهن ٻوٽن جي ڪري ئي پاڻي جو رنگ سائو نظر ايندو آهي. ننڍڙن خوردبيني ٻوٽن کي ننڍڙا خوردبيني جانور کائين ٿا، جن کي وري پاڻي وارا ڪيڙا ۽ جيت جڙيا ۽ ننڍڙيون توڙي وڏيون مڇيون کائين ٿيون. ڪجهه مڇيون سڌوسنئو خوردبيني ٻوٽن کي کائن ۽ ڪجهه وري خوردبيني جانورن کي ۽ ڪجهه اهڙيون جيڪي انهن سڀني کي کائن.
:ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا ۽ جانور هي اهي ننڍڙا ٻوٽا ۽ جانور آهن جيڪي پاڻي ۾ کليل اک سان نظر ڪون ايندا آهن ڇو ته اهي تمام ننڍڙا هوندا آهن ۽ انهن کي ڏسڻ لاءِ هڪ سائنسي اوزار جنهن کي خوردبين يا مائيڪرواسڪوپ چئجي ٿو استعمال ڪيو ويندو آهي. اهي ٻوٽا ۽ جانور آهن ته تمام ننڍاڙا پر مڇي جي فارمنگ ۾ انهن جي اهميت تمام گھڻي آهي. ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا پاڻي ۾ خوراڪي يا غذائي زنجير جي بنيادآهن جيڪي سج جي روشني ۾ غذائي جذن کي جذب ڪري پنهنجي خوراڪ ٺاهن ٿا ۽ وڌن ويجهن ٿا. ننڍڙا خوردبيني جانور ۽ ٻيا پاڻي وارا ڪيڙا ۽ جيت انهن کي کائن ٿا جن کي آخر ۾ مڇي ۽ ٻيا وڏا جانور کائين ٿا. پاڻي جو سائو رنگ انهن ننڍڙن خوردبيني ٻوٽن جي ڪري ٿيندو آهي.
:آڪسيجن ۽ ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا آڪسيجن ساهه کڻڻ لاءِ جهڙي طرح انسانن لاءِ تمام اهم آهي تهڙي طرح تمام ساهوارن لاءِ به ۽ مڇي کي به آڪسيجن جي اوتري ضرورت آهي جيتري ڪنهن ٻئي ساهواري کي، آڪسيجن جسماني واڌ ويجهه ۽صحت لاءِ تمام ضروري آهي. ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا پاڻي ۾ آڪسيجن جي دستيابي جو اهم ذريعو آهن، جنهن پاڻي ۾ اهي ٻوٽا گھٽ هوندا ان ۾ آڪسيجن به ٿوري مقدار ۾ پيدا ٿيندي ۽ نتيجي ۾ اهڙي پاڻي ۾ مڇيون ۽ ٻيا جاندار به گھٽ هوندا. تنهنڪري لازم آهي ته جنهن پاڻي ۾ اسان مڇي پالڻ چاهيون ٿا ته ان ۾ آڪسيجن جهجهي هجي ۽ آڪسيجن جي گھڻائي لاءِ ننڍڙن خوردبيني ٻوٽن جي موجودگي کي وڌائڻ به اوترو ضروري آهي.
:ڀاڻ ۽ مڇي جو پاڻ ۾ تعلق جيئن ته اسان کي خبر آهي ته ٻوٽن، فصلن ۽ گاهن جي واڌ لاءِ ڪيترائي خوراڪي يا غذائي جذا گھربل هوندا آهن جن ۾ نائٽروجن، فاسفورس ۽ پوٽاشيم اهم آهن ساڳي ريت پاڻي جي ٻوٽن، گاهن ۽ ننڍڙن خوردبيني جانورن لاءِ به اهي ئي خوراڪي جذا درڪار هوندا آهن. جيئن ته ٻوٽا انهن کي مسلسل استعمال ڪندا رهن ٿا تنهنڪري انهن جي کوٽ ٿيندي رهي ٿي ۽ انهي کوٽ جي پورائي لاءِ يا ٻين لفظن ۾ سٺي فصل لهڻ لاءِ اسين ڪيميائي يا وٿاڻ جي ڀاڻ جو استعمال ڪندا آهيون. ساڳي ريت پاڻي ۾ به ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا انهن خوراڪي جذن کي مسلسل استعمال ڪندا رهن ٿا تنهنڪري انهن جي کوٽ ٿيندي رهي ٿي ۽ ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀاڻ ڏيڻ ضروري آهي ڀاڻ وجهڻ سان پاڻي ۾ اهي جذا ٻيهر شامل ٿيندا ۽ نتيجي ۾ مڇي ۽ پاڻي ۾ رهندڙ ٻيا جاندار وڌندا ويجهندا ساڳي طرح جيئن زرعي فصلن ۾ ڀاڻ ڏيڻ سان پيداوا وڌيڪ لهي ٿي تيئن ئي ڀاڻ ڏيڻ سان مڇي ۽ ٻي آبي حيات جي پيداوا وڌيڪ لهي ٿي.
:زرعي فصلن ۽ مڇي ۾ فرق ڀاڻ ڏيڻ جي لحاظ سان زرعي فصلن ۽ مڇي ۾ فرق فقط اهو آهي ته زرعي فصل سڌوسنئو ڀاڻ کي جذب ڪن ٿا ۽ وڏا ٿين ٿا جڏهن ته پاڻي ۾ ڀاڻ وجهڻ سان ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا زور وٺن ٿا ۽ مڇي انهن کي کائي ٿي يا ٻيا ننڍڙا جاندار جهڙوڪ ننڍڙا خوردبيني جانور ۽ ٻيا پاڻي وارا ڪيڙا ۽ جيت جڙيا انهن خوردبيني ٻوٽن کي کائن ٿا ۽ مڇي انهن کي کائي ٿي ۽ وڌي ويجهي ٿي. تنهنڪري جيترو ڀاڻ وڌيڪ وجهبو اوترو مڇي جي پيداوار وڌيڪ لهندي.
:ننڍڙن خوردبيني ٻوٽن ۽ گاهن جو پاڻ ۾ تعلق جيئن ته ننڍڙن خوردبيني ٻوٽن توڙي گاهن ٻنهي کي واڌ ويجهه لاءِ نائٽروجن، فاسفورس، پوٽاشيم ۽ ٻين غذائي جذن جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن تلاءَ ۾ پاڻي وارا گاهه هوندا ته وڏا هئڻ ڪري غذائي جذن کي اهي جلدي جذب ڪري وٺندا ۽ ننڍڙن خوردبيني ٻوٽن لاءِ خوراڪي جذا گھٽ دستياب ٿيندا. نتيجي ۾ ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا گھٽ پيدا ٿيندا ۽ اهڙي طرح ان جو ناڪاري اثر مڇي جي پيداوار تي پوندو تنهنڪري ضروري آهي ته مڇي جي تلاءَ ۾ گاهه (جن کي اسان غير ضروري يا اڻگھربل ٻوٽا ۽ گاهه چئون ٿا) نه هجن.
:غير ضروري ٻوٽن ۽ گاهن جي روڪٿام سياري جي موسم ۾ ڪيترائي گاهه سڙي وڃن ٿا يا انهن جي واڌ بيهي وڃي ٿي ۽ جيئن ئي بهار جي مند شروع ٿئي ٿي ته اهي وري ڦٽڻ ۽ واڌ ڪرڻ شروع ڪن ٿا تنهنڪري انهن کي روڪڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته انهن جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تلاءَ کي ڀاڻ ڏنو وڃي ته جيئن ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا زور وٺن ۽ پاڻي سائو ٿئي اهڙي طرح سج جي روشني تلاءَ جي هيٺين حصي يا تري تائين نه پهچي سگهندي ان ڪري پاڙ وارن توڙي ترندڙ غير ضروري ٻوٽن ۽ گاهن جي پيدائش نه ٿي سگهندي. تنهنڪري سيزن جي شروع کان وٺي آخر تائين تلاءَ ۾ پابندي سان ڀاڻ وجهڻ گھرجي ته جيئن اڻگھربل ٻوٽن جي پيدائش ۽ واڌ روڪي سگھجي ۽ غذائي جذن کي ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجي ته جيئن ننڍڙا خوردبيني ٻوٽا ججهي تعداد ۾ پيدا ٿين ۽ مڇي جو ڀرپور فصل لهي.
:ڀاڻ جي ضرورت جي ڄاڻ پاڻي جي رنگ مان اسان سمجهي سگهون ٿا ته پاڻي ۾ مڇي جي خوراڪ جهجهي آهي يا گھٽ؟ جيڪڏهن پاڻي ٿورو سائو آهي ته سمجهنداسين ته خوراڪ گھٽ آهي ۽ جي پاڻي گھڻو سائو آهي ته سمجهنداسين ته خوراڪ جهجهي آهي پر جيڪڏهن پاڻي جو رنگ مرڳو اڇو يا ميرو آهي ته پڪ ڄاڻبي ته ان تلاءَ ۾ مڇي جي خوراڪ بنهه نه آهي يا بلڪل گھٽ آهي. جيڪڏهن خوراڪ نه آهي يا گھٽ آهي ته ڀاڻ ڏيڻ گھرجي ۽ جڏهن پاڻي سائو ٿئي ته زرخيزي جو اندازو ڪرڻ لاءِ ٻانهن پاڻي ۾ ٺونٺ تائين وجهجي ۽ جيڪڏهن هٿ جون آڱريون نظر نه اچن ته معنى تلاءُ زرخيز آهي
ان ڳالهه جو اندازو ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙو اوزار به ٺاهي سگهجي ٿو جنهن کي سيچي ڊسڪ چوندا آهن. ان جي تري واري پليٽ تي ڪارا ۽ اڇا پٽا رنگيل هوندا آهن ۽ ان جي ڏنڊِي تي انچن جا نشان. ان جي تصوير کي ڏسي ان کي سولائي سان ٺاهي سگهجي ٿو. ان اوزار کي پاڻي ۾ آهستي آهستي هيٺ ڪجي ۽ جيتري گهرائي تي ان جي پليٽ غائب ٿئي اها نوٽ ڪجي ۽ وري ان کي آهستي آهستي مٿي ڪجي ۽ جيتري گهرائي تي ظاهر ٿئي اها به نوٽ ڪجي ۽ انهن ٻنهي انگن جي سراسري ڪڍجي. سيچي ڊسڪ جي ماپ جي تفصيل هيٺ ڏنل آهي.
تلاءَ ۾ ذرخيزي نامياتي ۽ غيرنامياتي ڀاڻن سان پيدا ڪري سگهجي ٿي. نامياتي ۽ غيرنامياتي ڀاڻن جي استعمال جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو
:نامياتي يا وٿاڻ جو ڀاڻ ـ تلاءَ ۾ مڇي وجهڻ کان پهريان وٿاڻ جو ڀاڻ 3 کان 5 ٽن يا ڪڪڙين جون وٺيون 500 ڪلوگرام کان هڪ ٽن تائين وجهڻ گھرجن ته جيئن مڇي جي قدرتي خوراڪ پيدا ٿي سگهي. ـ ڀاڻ وجهڻ جي 3 يا 4 ڏينهن بعد مڇي جو ٻچو تلاءِ ۾ وجهڻ گھرجي. ـ ٻچي وجهڻ بعد وٿاڻ جو ڀاڻ يا ڪڪڙين جون وٺيون روزانو تلاءَ ۾ وجهڻ گهرجن ته جيئن مڇيءَ لاءِ خوراڪ جي گھٽتائي نه ٿئي. ـ جيئن ته ڀاڻ يا وٺين ۾ نائٽروجن، فاسفورس ۽ ٻين خوراڪي جذن جو مقدار هميشه گھٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي تنهنڪري تلاءَ ۾ وجهڻ لاءِ انهن جو ڪو مخصوص مقدار مقرر نه آهي. ان جو بهترين تخمينو اوهان جي پنهنجي تجربي ۽ اندازي تي منحصر آهي. جيڪو پاڻي جي رنگ ۽ ڪوالٽي سان گڏوگڏ مڇي جي چرپر، صحت ۽ واڌ کي نظر ۾ رکي وڌ يا گھٽ ڪري سگهجي ٿو. ـ ڪجهه ملڪن ۾ڀاڻ جو مقدار مڇي جي وزن مطابق ڏيندا آهن، مثال طور جيڪڏهن تلاءَ ۾ مڇي في ايڪڙ 200 ڪلو گرام آهي ته 20 ڪلوگرام تائين ڀاڻ في ايڪڙ روزانو ڏيندا، جيڪڏهن مڇي 400 ڪلوگرام آهي تهڀاڻ تقريبن 30 ڪلوگرامن تائين في ايڪڙ ڏيندا ۽جيڪڏهن مڇي 800 ڪلوگرام آهي ته ڀاڻ تقريبن 50 ڪلوگرامن تائين في ايڪڙ روزانو ڏيندا ۽ انهي طرح مڇي جي تناسب سان ڀاڻ جو مقدار وڌائبو. ـ هڪ ٻيو طريقو به استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان مطابق مڇي جي ڪل وزن جي 2 کان 4 سيڪڙو (سراسري 3 سيڪڙو) جيترو ڀاڻ (وزن برابر خشڪ نامياتيمادو يا ڊرائي آرگينڪ ميٽر) وجهي سگهجي ٿو. ڳئون ۽ مينهن جي ڀاڻ ۾ خشڪ نامياتي مادو يا ڊرائي آرگينڪ ميٽر تقريبن 15 سيڪڙو ۽ ڪڪڙن جي وٺين ۾ تقريبن 20 سيڪڙو هوندو آهي. يعني
:ـ ڪڪڙين جي وٺين جو وزن معلوم ڪرڻ جيڪڏهن 100 ڪلوگرام مڇي آهي ته 3 سيڪڙو جي حساب سان 100 کي 0.3 سان ضرب ڏجي ۽ وري ان کي 5 يعني سان ضرب ڏجي ته ڪڪڙين جي وٺين جو ڪل وزن نڪري ايندو (يعني 15 ڪلوگرام في ايڪڙ).
:ـ وٿاڻ جو ڀاڻ جو وزن معلوم ڪرڻ جيڪڏهن 100 ڪلوگرام مڇي آهي ته 3 سيڪڙو جي حساب سان 100 کي 0.3 سان ضرب ڏجي ۽ وري ان کي 6.7 يعني سان ضرب ڏجي ته وٿاڻ جي ڀاڻ جو ڪل وزن نڪري ايندو (يعني 20 ڪلوگرام في ايڪڙ).
ـ هڪ ريسرچ مطابق مڇي جي تلاءَ ۾ في ايڪڙ 40 کان 80 ڪلوگرامن تائين ڀاڻ جي استعمال سان نقصان جو انديشو نه آهي. پر ته به اسان اهو چوندا سين ته ڀاڻ جو بهترين تخمينو اوهان جي پنهنجي تجربي ۽ اندازي تي منحصر آهي. جيڪو پاڻي جي رنگ ۽ ڪوالٽي سان گڏوگڏ مڇي جي چرپر، صحت ۽ واڌ کي نظر ۾ رکي لڳائجي ۽ جيستائين مڇي تي خراب اثر ظاهر نه ٿئي تيستائين ڀاڻ جي مقدار کي وڌائڻ ۾ ڪو نقصان نه آهي. ـ مڇي جو ٻچو تلاءَ ۾ وجهڻ کان پهريان ان کي تورڻ گھرجي اهڙي طرح ڀاڻ يا خوراڪ جو تخمينو لڳائڻ آسان ٿيندو جيئن مٿي بيان ٿيل آهي ۽ هر مهيني مڇي جي واڌ جو اندازو ڪرڻ گھرجي ۽ ان لاءِ ڪجهه داڻا پڪڙي انهن کي وزن ڪجي ۽ انهن جي سراسري وزن مان تلاءَ ۾ موجود مڇي جو ٽوٽل وزن ڪڍجي اهڙي طرح ڀاڻ يا خوراڪ جو وزن معلوم ڪرڻ آسان ٿيندو.
ڪيميائي ڀاڻ جو استعمالمڇي جي بهترين پيداوار وٺڻ لاءِ وٿاڻ جي ڀاڻ سان گڏ ڪيميائي ڀاڻ جو گڏيل استعمال ڪرڻ گھرجي. ڪيميائي ۽ وٿاڻ جي ڀاڻ جي گڏيل استعمال سان مڇي جي پيداوار ٻيڻ کان پنجوڻ تائين وڌائي سگهجي ٿي. ٻچو لاهڻ کان اڳ ۽ ٻچي لاهڻ بعد هر پندرهين ڏينهن تلاءَ ۾ ڪيميائي کاڌ جو استعمال ڪرڻ گھرجي جيئن هيٺ چارٽ ۾ ڏيکاريل آهي.
مڇي جي بهترين واڌ لاءِ نائٽروجن، فاسفوررس ۽ پوٽاشيم ٽنهي ڀاڻن جو گڏيل استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ان لاءِ ڀاڻ جو تناسب 20‑20‑5 هئڻ گھرجي يعني 20 سيڪڙو نائٽروجن، 20 سيڪڙو فاسفوررس ۽ 5 سيڪڙو پوٽاشيم هوندي پر سوال اهو آهي ته اهڙو ڀاڻ ڪٿان آڻيون؟ ان جو جواب اهو آهي ته اسان مختلف ڀاڻن کي ملائي اهڙو تناسب ٺاهي سگهون ٿا. مثال طور جيڪڏهن الف: ٽرپل سپرفاسفيٽ، يوريا ۽ پوٽاش جو ڀاڻ استعمال ٿا ڪيون ته في ايڪڙ اٺ (8) ڪلوگرام سپرفاسفيٽ، اٺ (8) ڪلوگرام يوريا ۽ چار (4) ڪلوگرام پوٽاش جو ڀاڻ ملائڻ سان 20‑20‑5 جو گهربل ڀاڻ ٺهندو ب: جيڪڏهن ڊي اي پي ۽ پوٽاش جو ڀاڻ ٿا استعمال ڪريون ته 20 ڪلوگرام ڊي اي پي ۽ چار (4) ڪلوگرام پوٽاش جو ڀاڻ ملائڻ سان گھربل ڀاڻ تيار ٿيندو.
مٿين ڀاڻ جي ٻنهي قسمن مان ڪهڙو به استعمال ڪريو اهو سيزن جي شروعات کان ويندي وري سياري اچڻ تائين هر پندرهين ڏيهن تلاءَ ۾ وڌو وڃي. ايئن سمجهو ته فيبروري جي وچ ڌاري کان آڪٽوبر جي آخر تائين استعمال ڪرڻ گهرجي.
:ڪجهه ضروري احتياط ـ ڪنهن به حالت ۾ ٻه فٽ کان گھٽ اونهائي واري تلاءَ کي زرخيز نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان سان غير ضروري پاڙ وارا گاهه پيدا ٿيندا. ـ جيڪڏهن تلاءَ کي تمام گهڻو زرخيز ڪيو ويو ته ان سان وري سينور پيدا ٿيندا، جنهن سان وري تلاءَ ۾ آڪسيجن ختم ٿيندي ۽ نتيجي ۾ مڇي مري سگهي ٿي. ـ جيڪڏهن ممڪن هجي ته تلاءَ جي تري کي کيڙجي ان سان تلاءَ جي زرخيزي ۾ واڌارو ايندو ۽ خوراڪي جزا جهڙوڪ فاسفورس ۽ نائٽروجن قابلِ استعمال حالت ۾ اچي ويندا ۽ ان کان علاوه هاڃيڪار جيوڙا پڻ ختم ٿي ويندا نتيجي ۾ مڇي جي پيداوار وڌيڪ لهندي. ـ وٿاڻ جو تازو ڀاڻ مٽاڳي سميت وجهي سگهجي ٿو. ـ صبح سوير تلاءَ کي غور سان ڏسجي جيڪڏهن مڇي بيتاب ۽ بيقرار لڳي ۽ پاڻي جي سطح تي موجود هجي ۽ وات پٽي ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪندي هجي جنهن کي عام زبان ۾ ”ٻاڙو هئڻ“ چيو ويندو آهي ته فوري طور تي تلاءَ ۾ تازو پاڻي ڇڏڻ گهرجي ۽ ڀاڻ ڏيڻ بند ڪجي. جيڪڏهن ٻاڙو ٿيڻ معمول بڻجي وڃي ته ڪجهه ڏينهن تائين تلاءَ ۾ ڀاڻ نه وجهڻ گهرجي يا ڀاڻ جو روزاني مقدا گهٽ ڪري ڇڏجي. ـ ٻين ملڪن ۾ پاڻي ۾ هوا يا آڪسيجن ملائڻ لاءِ ايئريٽر استعمال ڪندا آهن. ـ جهڙالي ۽ گھُٽ واري موسم ۾ به ڀاڻ جو استعمال بند ڪرڻ گهرجي. ـ تلاءَ جي پاڻي جو رنگ گهرو سائو هئڻ گهرجي ۽ ان جي ڪوالٽي تي مڪمل نظر رکڻ گھرجي. جيڪڏهن تلاءَ ۾ آڪسيجن جي مقدار گھٽجڻ لڳي ته ان لاءِ جوڳا قدم کڻجن جيئن هوا (آڪسيجن) پاڻي ۾ وڌ ۾ وڌ شامل ٿئي، ۽ ڪجهه وقت لاءِ ڀاڻ وجهڻ بند ڪرڻ گھرجي. (آڪسيجن متعلق وڌيڪ تفصيلن لاءِ ڏسندا” آڪسيجن ڪيئن چيڪ ڪجي ۽ ان جي ڪمي کي ڪيئن پورو ڪجي