Farming Pakistan فارمنگ پاڪستان
  • Home
  • Farming systems کاشتکاری کے نظام
    • Aquaculture فش فارمنگ >
      • Basics of aquaculture فش فارمنگ کیلئے مفید مشورے
      • Cost Estimate for Fish Farming فش فارم کیلئے لاگت اور آمدنی کا تخمینہ
      • Use of Fertilizer in aquaculture مچھلی کی پیداوار بڑھانے کیلئے کیمیکل
      • How to install sock filter in fish pond تالاب میں جالی کیسے نصب کریں
      • How much fish seed should I stock? and Why? تالاب میں کتنی مچھلی ڈالیں، اور کیو&#
      • Fish seed calculator تالاب میں کتنا فش سیڈ ڈالیں
      • Rice-Fish Farming دھان کیساتھ مچھلیوں کی افزائش
      • Duck-Fish Farming مچھلیوں کے ساتھ بطخیں پالیں
      • Catfish Farming کیٹ فش فارمنگ
      • Feed Formulation فیڈ کیسے بنائیں
    • Livestock rearing مویشیوں کی افزائش >
      • How to increase milk production مویشیوں کے دودھ میں اضافے کا آسان طریق
      • Animal Care مویشیوں کی دیکھ بھال
      • Livestock Vaccination Schedule ​جانوروں کو ٹیکے کب لگانے چاہئیں
      • Mastitis ​مویشیوں کے تھنوں کی بیماری
      • ​گندم یا دھان کی بھوسی کی غذائیت بڑھانے کیل&#
      • Taking care of Calf بچھڑوں کی دیکھ بھال
    • Desert Farming​ بنجر زمین، ریگستان اور کھارے پانی میں ف&# >
      • Desert / Arid Land Farming ​صحرا اور بنجر زمین میں فارمنگ
      • Cultivating deserts and arid lands with fish
      • Saline Farming in Coastal Areas ​ساحلی علاقوں میں فارمنگ
      • Using saline water for aquaculture
      • ​​زیر زمین کھارے پانی میں مچھلی کی ​افزائش
  • Backyard Farming گھریلو فارمنگ
    • Kitchen Gardening کچن گارڈن >
      • How to grow plants in containers گملوں میں پودے کیسے لگائیں
      • Planting Different Vegetables مختلف سبزیاں اگانے کا طریقہ
    • Fancy Bird Farming رنگین پرندوں کی افزائش
    • Aquaponics ​مچھلیوں کیساتھ سبزیوں کی کاشت
    • Rabbit Farming خرگوش کی افزائش
    • Poultry Farming گھریلو پولٹری فارمنگ
    • Ornamental Fishes رنگین مچھلیوں کی افزائش
    • Floating Vegetable Gardens فلوٹنگ گارڈن یا تیرنے والے باغ
  • Water Harvesting پانی کے حصول کے دانشمندانہ طریقے
    • How to wisely harvest water - پانی کے حصول کے دانشمندانہ طریقے
    • CHECK DAMS برساتی پانی کو اسٹور کرنے کیلئے چیک ڈیم ب 
    • Solar Pump building سولر پمپ کیسے بنائیں
  • Alternative Energy متبادل توانائی
  • Training Registration
  • Volunteer Registration
  • Survey سروے
  • Fish Farming Blog فش فارمنگ بلاگ
  • New Page
  • Home
  • Farming systems کاشتکاری کے نظام
    • Aquaculture فش فارمنگ >
      • Basics of aquaculture فش فارمنگ کیلئے مفید مشورے
      • Cost Estimate for Fish Farming فش فارم کیلئے لاگت اور آمدنی کا تخمینہ
      • Use of Fertilizer in aquaculture مچھلی کی پیداوار بڑھانے کیلئے کیمیکل
      • How to install sock filter in fish pond تالاب میں جالی کیسے نصب کریں
      • How much fish seed should I stock? and Why? تالاب میں کتنی مچھلی ڈالیں، اور کیو&#
      • Fish seed calculator تالاب میں کتنا فش سیڈ ڈالیں
      • Rice-Fish Farming دھان کیساتھ مچھلیوں کی افزائش
      • Duck-Fish Farming مچھلیوں کے ساتھ بطخیں پالیں
      • Catfish Farming کیٹ فش فارمنگ
      • Feed Formulation فیڈ کیسے بنائیں
    • Livestock rearing مویشیوں کی افزائش >
      • How to increase milk production مویشیوں کے دودھ میں اضافے کا آسان طریق
      • Animal Care مویشیوں کی دیکھ بھال
      • Livestock Vaccination Schedule ​جانوروں کو ٹیکے کب لگانے چاہئیں
      • Mastitis ​مویشیوں کے تھنوں کی بیماری
      • ​گندم یا دھان کی بھوسی کی غذائیت بڑھانے کیل&#
      • Taking care of Calf بچھڑوں کی دیکھ بھال
    • Desert Farming​ بنجر زمین، ریگستان اور کھارے پانی میں ف&# >
      • Desert / Arid Land Farming ​صحرا اور بنجر زمین میں فارمنگ
      • Cultivating deserts and arid lands with fish
      • Saline Farming in Coastal Areas ​ساحلی علاقوں میں فارمنگ
      • Using saline water for aquaculture
      • ​​زیر زمین کھارے پانی میں مچھلی کی ​افزائش
  • Backyard Farming گھریلو فارمنگ
    • Kitchen Gardening کچن گارڈن >
      • How to grow plants in containers گملوں میں پودے کیسے لگائیں
      • Planting Different Vegetables مختلف سبزیاں اگانے کا طریقہ
    • Fancy Bird Farming رنگین پرندوں کی افزائش
    • Aquaponics ​مچھلیوں کیساتھ سبزیوں کی کاشت
    • Rabbit Farming خرگوش کی افزائش
    • Poultry Farming گھریلو پولٹری فارمنگ
    • Ornamental Fishes رنگین مچھلیوں کی افزائش
    • Floating Vegetable Gardens فلوٹنگ گارڈن یا تیرنے والے باغ
  • Water Harvesting پانی کے حصول کے دانشمندانہ طریقے
    • How to wisely harvest water - پانی کے حصول کے دانشمندانہ طریقے
    • CHECK DAMS برساتی پانی کو اسٹور کرنے کیلئے چیک ڈیم ب 
    • Solar Pump building سولر پمپ کیسے بنائیں
  • Alternative Energy متبادل توانائی
  • Training Registration
  • Volunteer Registration
  • Survey سروے
  • Fish Farming Blog فش فارمنگ بلاگ
  • New Page
Culture of Fish in Pens

ڄارن ۾ مڇيءَ جي پالنا

هن وقت دنيا ۾ مڇيء جو تقريباَ 32 سيڪڙو حصو هٿرادو پالنا مان اچي رهيو آهي ۽ اهي ملڪ جن وٽ پاڻي جا وسيلا محدود آهن پر بهتر پلاننگ ۽ وڌيڪ محنت جي ذريعي اهي مڇي جي گھڻي پيداوار پالنا مان وٺي رهيا آهن. اسان جو ملڪ پاڻي جي وسيلن ۾ شاهوڪار آهي جن ۾ درياءَ، ڍنڍون ڍورا، ڪئنالن جو وسيع نظام، سم ناليون، سم جي پاڻي وارا علائقا ۽ ساريال علائقن کان علاوه درياء جو ڊيلٽا (دريا جي ڇوڙ وارو علائقو) ۽ ڊگهو سامونڊي ڪنارو موجود آهي پر بدقسمتي سان انهن وسيلن کي مڇي جي پالنا لاء استعمال نه ڪري سگهيا آهيون جيڪڏهن انهن وسيلن تي مڇي جي پالنا تي توجهه ڏنو وڃي ته اسان مڇي جي بهترين ۽ وڌيڪ پئداوار ڏيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ اچي سگهون ٿا ۽ گهڻوئي ٻاهريون ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو ڇو ته اسان جو موسم پڻ گرم هئڻ ڪري مڇي جي پالنا لاء تمام موضون آهي. ان جو هڪ مثال ايئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته جيڪا مڇي يورپ جي ملڪن ۾ 3 کان 4 سالن ۾ ٻه ڪلو جي ٿئي ٿي ساڳي مڇي اسان جي ملڪ ۾ هڪ سال اندر اهڙي وزن تي رسي وڃي ٿي، سا به جيڪڏهن اسان ان مڇيء کي يورپ وارن واري خوراڪ مهيا ڪيون ته 6 مهينن ۾ ان وزن جي ٿي سگهي ٿي. اهڙي شاندار آبهوا جي هوندي به جيڪڏهن اسان اهڙي پيداوار کان وڌيڪ عرصو محروم رهياسين ته اسان جون ايندڙ نسلون ويتر وڌيڪ محرومين جي ور چڙهي وينديون.

         جيئين ته مڇيء جي قدرتي پيداوار ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندي پئي وڃي ۽ مستقبل قريب ۾ ان جي وڌيڪ گهٽتائي جا امڪان آهن تنهن ڪري اسان کي مڇي جي پالنا طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي.

         مڇي جي پالنا لاء موڪي زمينن کان علاوه ڍنڍون ۽ سامونڊي علائقا جهڙوڪ بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽي انتهائي موضون آهن. انهن ڍنڍن ۽ سامونڊي ڪنارن ڀرسان تلاءَ ٺاهي ان ۾ مڇي پالڻ کان سواء پين ڪلچر يعني ڄارن جا تلاءَ هڻي انهن ۾ مڇي پالي سگهجي ٿي. ”پين“ جي تشريح ائين ڪري سگهجي ٿي ته مڇي پالڻ لاء مٽيءَ جي بندن بجاءِ ڄاريءَ کان بندن جو ڪم ورتو وڃي. ان لاء لاڪڙن جي مدد سان ڄاري اڀي بيهارڻ يا ڄاري جو لوڙهو ٺاهڻ ذريعي پين يا انڪلوزر ٺاهيا ويندا آهن. اهڙي ڄاري سمنڊ، درياءَ يا ڍنڍن جي ڪنارن سان وڌ ۾ وڌ چار پنج فٽ گهري پاڻيء ۾ لاڳائي ويندي آهي. ان ڄاري جي تلاءَ ۾ مڇي پالي ويندي آهي. جڏهن ته سمنڊ يا ڍنڍ جي پاڻي ۾ موجود قدرتي خوراڪ سان گڏ هٿرادو خوراڪ پڻ استعمال ڪئي ويندي آهي.

         مڇي جي اهڙي سستي پالنا تي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ لاء حڪومت پلان پڻ جوڙيا آهن ۽ پين جا ماڊل قائم ڪيا آهن جن ۾ ڍنڍون ۽ ڪوسٽل ايريا شامل آهن. ان کان علاوه حڪومت سنڌ مڇي جي پالنا لاء سمنڊ جي ڪنارن تي فشريز کاتي جي توسط سان زمين الاٽ ڪرڻ جو پلان پڻ جوڙيو آهي. ان کان علاوه آسان شرطن تي ننڍن قرضن جي فراهمي پڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اهو سڀ ان لاءِ ڪيو پيو وڃي ته جيئن ماڻهن ۾ مڇي، جهينگي ۽ کيکڙي جي پالنا طرف چاهه پئدا ٿئي. فشريز کاتي طرفان بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي تعاون سان ماڻهن کي ان حوالي سان مڪمل ٽريننگ ڏني پڻ ڏني پئي وڃي جنهن هيٺ ٻين ڪيترن ئي قسمن جي ٽريننگ کان علاوه پين ۽ ڪيج ڪلچر يعني ڄارن ۽ پڃرن ۾ مڇيءَ جي پالنا جي ٽريننگ جا ٻه ڪورس ڪينجهر ڍنڍ تي هلايا ويا آهن جن ۾ ابتدائي طور تي ڪينجهر جي ملاحن کي مڪمل عملي تربيت ڏني وئي آهي ۽ ان ٽريننگ کي ٻين ڍنڍن، دريا ۽ سمنڊ جي ڪناري وڌيڪ ٽريننگون ڪرائڻ لاءِ تياري هلندڙ آهي. ان حوالي سان تربيت سان گڏ ملاحن کي ڪامياب تربيت بعد ڪيج ۽ پين ڏيڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن انهن جي روزگار لاءِ به رستا کولي سگھجن ۽ ترقي جي خواب جو عملي تعبير ماڻي سگهجي.

هاڻي اچو ته ڄاري جو اهو تلاء ٺاهڻ ۽ ان ۾ مڇي پالڻ جو طريقو سکون.

:جڳهه جي چونڊ لاء اصول
پين ڪنهن ڍنڍ، درياءَ يا سمنڊ جي تراکڙي ڪناري جتي تيز ويرون يا وهڪرو نه هجي ٺاهي سگهجي ٿو. ان کي ڪناري کان اندر پڻ ٺاهي سگھجي ٿو جيئن هيٺ تصويرن ۾ ڏيکاريل آهي 
پاڻي جي وڌ ۾ وڌ گهرائي ڏيڍ (1.5) ميٽر يعني پنج فٽن کان وڌيڪ نه هجي، ۽ اهو اطمينان هئڻ ضروري آهي ته ننڍي وير  يا خشڪ موسم ۾ به پاڻي هڪ (1) ميٽر يا ٽي فٽن کان گهٽ نه ٿئي  جيئن هيٺ تصويرن ۾ ڏيکاريل آهي    
ان جڳهه جو ترو سخت ۽ سنئون هجي ۽ تمام گهڻي گپ يا هيٺ مٿاهين نه هجي. اهڙي جاء جي چونڊ ڪجي جتي گهٽ ۾ گهٽ سامان جي ضرورت هجي, جهڙوڪ ڪناري جي ڪا ڪنڊ يا وهڪري جو ڪو موڙ. جيئن تصوير نمبر (5) ۽ (6) ۾ ڏيکاريل آهي
ـ پين جي سائيز جو دارو مدار مڇي جي تعداد تي آهي پر شروع ۾ ننڍو پين ٺاهڻ گھرجي ۽ بعد ۾ تجربو ٿيڻ بعد ان کي وڌائجي. شروع ۾ 100 چورس ميٽر يعني 10*10 ميٽر سائيز جو پين ٺاهڻ مناسب آهي. جيئن هيٺ ساڄي پاسي واري تصوير ۾ ڏيکاريل آهي ـ 

گهربل سامان
بانس جا لاڪڙا يا منجهاندڙي جو پڃر يا ٻي ڪا ڪاٺي جيڪا پاڻي ۾ استعمال لاءِ موزورن هجي ۽ جلد نه ڳري. ڏسو هيٺ وچ واري تصوير ـ    

پلاسٽڪ يا نائلون جي ڄاري جنهن جي سوراخ جي سائيز 1*1 سينٽي ميٽر يا پاليل مڇي کان وڏي نه هجي ۽ ان مان پاڻي به سولائيءَ سان ٽپي سگهي. جيئن هيٺ کاٻي پاسي واري تصوير ۾ ڏيکاريل آهي ـ  
زمين جو سروي ۽ تعمير

جنهن جاءِ تي پين لڳائڻو آهي اتي پهرين رسو ٻڌي پاڻي جي گهرائيء جي ماپ ڪجي ۽ تري جو جائزو وٺجي. (جهڙي طرح هيٺ تصويرن  ۾ ڏيکاريل آهي
رسن ٻڌڻ بعد انهن جي سڌ ۾ هلي ڏسجي ۽ پاڻي جي گهرائي ۽ تري جي نرمي يا سختي جو اندازو ڪري لاڪڙن جي گھربل ڊيگهه نوٽ ڪجي ڇو ته ڪٿي پاڻي وڌيڪ اونهو هوندو ته وري ڪٿي گھٽ اونهو. جيئن ته لاڪڙن جي بنياد کي مظبوطي سان زمين اندر پورڻ ضروري آهي تنهنڪري اهو به نوٽ ڪجي ته لاڪڙا زمين اندر ڪيتري گهرائيءَ تائين ويندا؟ جيڪڏهن زمين نرم هوندي ته لاڪڙا زمين اندر ٽي فٽن کان به هيٺ وڃي سگھن ٿا. اهڙي طرح هر لاڪڙي جي جدا ماپ ڪبي ۽ زمين اندر گھربل ڊيگهه کان علاوه هر لاڪڙو هر موسم ۾ پاڻي جي سطع کان گهٽ ۾ گهٽ 50 سينٽي ميٽر (تقريبن ٻه فٽ) مٿي بيهڻ گهرجي تنهنڪري لاڪڙن جي سائيز احتياطا وڌائي لکجي. اهڙي طرح پاڻ کي خبر پوندي ته پاڻ کي ڪهڙي سائيز جا ۽ ڪيترا لاڪڙا درڪار آهن ـ        
جيڪڏهن پلاسٽڪ جي ڄاري لڳائڻي آهي ته لاڪڙو هر هڪ ميٽر بعد لڳندو پر جيڪڏهن نائلون جي ٺهيل مڇي ڦاسائڻ واري ڄاري استعمال ڪرڻي آهي ته هر ٻن لاڪڙن جي وچ وارو مفاصلو 2 ميٽر رکبو ان حساب سان گهربل مفاصلي جي ماپ ڪجي ته جيئن لاڪڙن جي تعداد جي خبر پوي. جيئن هيٺ کاٻي پاسي ڏيکاريل آهي ـ    

اهڙي طرح ماپ ٿيڻ بعد جڏهن سڀ لڪڙا پاڻي ۾ لڳي وڃن تنهن بعد انهن ۾ ڄاري کي مضبوطي سان لاڪڙن جي مٿئين سطع تي ٻڌڻ گهرجي. ـ   
جڏهن هر طرف کان ڄاري لاڪڙن ۾ ٻڌجي وڃي ته ان بعد ڄاري کي زمين اندر گهٽ ۾ گهٽ 30 سينٽي ميٽر (هڪ فٽ) تائين بند ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاليل مڇي جي ڄاري هيٺان فرار ٿيڻ تي قابو پائي سگهجي. مڇي جي ڄاري هيٺان نڪري وڃڻ کان بچاء لاء هيٺيان طريقا اختيار ڪري سگهجن ٿا؛ (1) پٿرن جو استعمال (2)  ڪاٺيءَ جي ٻشانگي جو ستعمال

ڄاريءَ جي تري کي وٽ ڏئي ان ۾ پٿر ٻڌجن ۽ ان کي تقريبا‘ هڪ فٽ تائين زمين ۾ پوري ڇڏجي جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل آهي. ان بعد وڏن پٿرن جي هڪ ٻي قطار پڻ زمين تي ڄاري مٿان ڏيڻ گھرجي ته جيئن مڇي جي نڪرڻ جو رستو ٻٽي طرح بند ڪري سگهجي. ـ

 تصوير مطابق ڄاري جي تري ۾ لڪڙا ٽوپجن ۽ انهن کي هُڪ ذريعي زمين ۾ اندر قابو ڪجي ته جيئن مڇي جي فرار ٿيڻ جو رستو مڪمل طرح بند رکي سگهجي (هي طريقو سخت زمين لاء وڌيڪ ڪارگر آهي). ـ
جڏهن هر طرف کان ڄاري لڳي وڃي ته توهان جو ڄاريء جو تلاء تيار آهي ۽ هاڻ ان مان هر قسم جو گندگاهه، پٿر ۽ ڪاٺيون وغيره ڪڍڻ گھرجن. ان بعد  بلڪل سنهي اک واري ڄار سان تلاءُ اندر موجود فالتو ۽ بيڪار مڇي ۽ ٻيا جانور جهڙوڪ ڪيڪڙا ۽ ڏيڏر وغيره ڪڍجن. جڏهن اطمينان ٿي وڃي ته ان ۾ وڌيڪ بيڪار جانور موجود نه آهن ته هاڻ توهان جو ڄاري جو تلاءُ مڇيء جو ٻچو وجھڻ لاءِ تيار آهي. ـ    

مڇيءَ جو ٻچو وجهڻ  

ـ  مڇي جو ٻچو 2 داڻا في چورس ميٽر وجھڻ گهرجي. ـ

ـ مختلف جنسن جو ٻچو گڏ وجهي سگهجي ٿو پر اطمينان ڪجي ته ٻچو پين جي سوراخ کان ننڍو نه هجي ۽ بهتر آهي ته وڏي سائيز جو ٻچو پين ۾ پالڻ لاءِ خريد ڪجي. 

روزاني سار سنڀال

              پين ۾ مڇي جي روزاني سار سنڀال ۽ کاڌ خوراڪ عام تلاءَ ۾ مڇي جي پالنا مطابق آهي پر ڪجهه شيون جيڪي واڌو آهن تن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.

جيئن ته پين ڄاريء مان ٺهيل آهي تنهنڪري روزانو ان جي چيڪنگ ڪجي ۽ خيال رکڻ گهرجي ته ڪنهن به سبب (جيئن شڪاري مڇي يا ڪنهن ٻئي سبب) ڄاري ڦاٽي پئي ته ان کي ترت سبڻ گهرجي. ـ    

ڄاريء جو ترو چيڪ ڪجي جيڪڏهن اهو ڍرو ٿي ويو هجي يا زمين کان مٿي هجي ته ان کي قابو ڪجي. ان کان علاوه اهو اطمينان ڪجي ته ڄاري جا سوراخ مٽي، ڪاٺي، يا ٻوٽن وغيره سان بند ته نه ٿي ويا آهن ۽ تازي پاڻي جي اچ وڃ جاري آهي جيڪڏهن ڄاري ٻوٽن، مٽي، ڪاٺي يا ڪوڏن وغيره سان بند هجي ته ان کي برش يا ٻهاري سان صاف ڪرڻ گهرجي پر خيال رکجي ته جيئن ڄاري کي نقصان نه ٿئي. ـ    
 خوراڪ
جيئن ته هر تلاء ۾ مڇي جي قدرتي خوراڪ پئدا ڪرڻ لاء ڀاڻ جهڙوڪ ڪڪڙن جون وٺون، مال جو ڇيڻو يا ڪيميائي ڀاڻ وجھبو آهي پر جيئن ته کليل آهي تهنڪري ان ۾ اهڙي ڪا شيء ڪونه وجھبي پر خوراڪ وجھڻ ضروري آهي سا به پابنديءَ سان. خوراڪ ۾ ڪٽي (چن)، کڙ ۽ فش مِيل کي ملائي ان جون ڳوڙهيون ٺاهي ڏيڻ گھرجن ۽ ان کان علاوه ڳريل سڙيل ڀاڄيون ۽ گهر يا هوٽل تان بچيل سچيل مانيون پڻ وجهي سگهجن ٿيون.

پين مان مڇي جي بهتر پئداوار لاء هيٺين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.

کاڌو هر روز گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو ضرور ڏيڻ گهرجي پر جيڪڏهن ٻه دفعا وجهبو ته پئداوار ويتر وڌيڪ ملندي   *

کاڌو خاص وقت جڳهه ۽ مقدار ۾ ڏيڻ گهرجي. ـ   *

کاڌو صبح سوير يا شام جو دير سان ڏيڻ گهرجي   *

کاڌو مڇي جي سائيز وڏي ٿيڻ سان وڌائيندو رهجي. عام طرح مڇي جي مجموعي وزن جي 3 کان 5 سيڪڙو جيترو کاڌو روزانو ڏيڻ گهرجي  * 

کاڌو ننڍي پاڻي واري هنڌ ڏيڻ گهرجي ته جيئن توهان کي خبر رهي ته مڇي کاڌو کائي ٿي يا اهو بچي زيان ٿئي ٿو  *

  جيڪڏهن کاڌو بچي پوي ته ٻئي ڏينهن گهٽ ڏجي پر جي مڇي سڄو کاڌو چٽ ڪري وڃي ته وري ان جو مقدار وڌائڻ گهرجي  *

کاڌو هڪ کان وڌيڪ هنڌن تي وجھي سگهي ٿو پر خيال رکڻ گهرجي ته پاڻي جي وهڪري کان پري هجي ۽ ان جو پين کان ٻاهر وڃڻ جو امڪان نه هجي. ـ *

  جنهن هنڌ کاڌو ڏجي ان هنڌ بانس جي لاڪڙي يا ڪنهن ٻي ڪاٺيءَ مان فيڊ لاءِ فريم ٺاهي ٻڌي ڇڏجي يا ڪنهن پاٽ وغيره ۾ کاڌو وجھجي اهڙي طرح اوهان سولائي سان کاڌي کي چيڪ به ڪري سگهو ٿا. جيئن هيٺ تصويرن ۾ ڏيکاريل آهي ـ    
جڏهن مڇي مارڪيٽ سائيز جي ٿي وڃي ته جيئن عام تلاءَ مان ڪڍي ويندي آهي ساڳي ريت ڪنهن به قسم جي ڄاري يا رڇ ذريعي ڪڍي سگهجي ٿي. جيڪڏهن پين بلڪل خالي ڪرڻو آهي ته پوء وڏي ڄار سان سموري مڇي ڪڍي سگهجي ٿي. ـ    

         پين خالي ٿيڻ بعد جلد از جلد ٻيهر ان جي صفائي ڪري ٻچو وجھڻ گهرجي.
Picture courtesy FAO
(وڌيڪ معلومات لاءِ هتي رابطو ڪريو)
Powered by Create your own unique website with customizable templates.