ڪنهن به ڪاروبار شروع ڪرڻ کان پهرين ضروري آهي ته سيڙپ ۽ آمدني جو اندازو لڳائجي ۽ ڏسجي ته هي ڌنڌو اسان لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو يا نه؟ ان ۾ ڪهڙا ڪهڙا خرچا ٿي سگهن ٿا؟ ۽ ان کي شروع ڪرڻ ۽ سال به سال هلائڻ تي لاڳت ڪيتري ايندي؟ ۽ منافعو ڪيترو ملي سگهندو؟ پوءِ جيڪڏنهن اهو پنهنجي هٿ وس لڳي ته شروع ڪجي نه ته ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ سندرو ٻڌجي. مڇي جي پالنا به هڪ ڪاروبار آهي تنهنڪري اهڙي پلاننگ ڪجي ته فائدو ٿيندو نه ته توهان اسان ڪيترا فارم ڏٺا آهن جيڪي ٺهيا ته سهي پر هلي نه سگهيا ڇو ته شروع ڪرڻ کان اڳ لاڳت، روزمرهه خرچن ۽ نقصان يا فائدي جو ڪو ڪاٿو نه لڳايو ويو هوندو.
مڇي جو تلاءَ ڪجهه فٽن ۽ ميٽرن کان ويندي ڪيترن ئي ايڪڙن جو ٿي سگهي ٿو پر هر تلاءَ ۾ مڇي جي پالنا جا قائدا ۽ اصول ساڳيا آهن تنهنڪري تلاءَ ننڍو هجي يا وڌو ان کي هڪ ڪاروبار سمجهڻ گھرجي، جيئن ڪو ننڍو دڪان يا وڏو پر ڌنڌو ته ڌنڌو اهي تنهنڪري ڪو پنهنجي دڪان کي سان لاپرواهي نه ڪندو تنهنڪري اسين به اهو زور ڀرينداسين ته فش فارم ننڍو هجي يا وڏو ان جي مڪمل توجه ڏيڻ گهرجي ته پوءِ ئي فائدو ٿيندو.
اچو ته هاڻ پنهنجي لاءِ سيڙپ ۽ منافعي جو ڪاٿو لڳايون. ان ڪاٿي کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو،(1) آمدني، (2) جاري يا روزمره جا خرچ ۽ (3) مستقل سيڙپ جيئن تلاءَ جي تعمير، پمپ يا جنريٽر خريد ڪرڻ يا ڪو ڪمرو ٺاهڻ وغيره. هاڻ اچو ته پاڻ ان ڪم جي شروعات ڪريون. ان مقصد لاءِ اسين هتي فش فارم ٺاهڻ ۽ هلائڻ لاءِ ڪجهه ضروري معلومات ڏيڻ کان سواءِ ٻن قسمن جا ڪاٿا ڏيندا سين
انٽرايڪٽو ڪاٿو: هن ڪاٿي ذريعي اوهان پنهنجي فارم لاءِ خرچن ۽ آمدني جو پنهنجي معلومات ۽ پنهنجي پلاننگ جي حساب سان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا. هن ۾ ريٽ به اوهان پنهنجي علائقي جي مطابق وجهندا اهڙي طرح پنهنجي مرضي مطابق معلومات جي بنياد تي پنهنجي لاءِ ڪاٿو تيار ڪريو، اوهان ان ۾ ريٽ ۽ شين جو تعداد وجهندا ته هي اوهان جي لاءِ ان معلومات جي بنياد تي حساب ڪتاب ڪري توهان سڀ وچور ڪڍي ڏيندو. اسان فقط ان جو ضروري فارميٽ ۽ فش فارم ۾ ڪتب ايندڙ ڪمن جا نالا ڏنا آهن جن مان ڪجهه ته توهان جي لاءِ هوندا جڏهن ته ڪيترائي اوهان جي فارم ۾ گھربل نه هوندا ۽ انهن کي خالي ڇڏيو.
ٺهيل ٺڪيل ڪاٿو: هي اڳ تيار ڪيل آهي ۽ فش فارم لاءِ عام اندازي جي بنياد تي ٺهيل آهي ۽ ان ۾ ريٽ به عام معلومات جي بنياد تي وڌل آهن تنهنڪري ضروري نه آهي ته هي توهان جي سڀني ضرورتن جو احاطو ڪري. تنهنڪري اسان اهو زور ڀريندا سين ته اوهان مٿي بيان ٿيل انٽرايڪٽو ڪاٿو استعمال ڪريو ۽ پنهنجي معلومات جي بنياد تي پنهنجي لاءِ ڪاٿو تيار ڪريو. اڳ تيار ڪاٿي لاءِ هت ڪلڪ ڪريو.