Backyard Culture of Ornamental Fishes
رنگ
برنگي يا
زيبائشي
مڇيون جن کي
پنهنجي
خوبصورت
رنگن، بناوت ۽
عجيب و غريب
شڪلين جي ڪري
خاص توجه جو
مرڪز آهن ۽
سڄي دنيا ۾ پسند
ڪيون وڃن ٿيون.
ڪيترن ئي ملڪن
۾ انهن جو وڏي
پيماني تي
ڪاروبار ڪيو
وڃي ٿو ۽ زيبائشي
مڇيون
پاليندڙ لکين
ڊالر ڪمائين
پيا. انهن مڇين
جي منفرد
ڳالهه اها آهي
ته انهن کي
ننڊي ايراضي ۾
گھٽ وقت ۾ ۽
گھٽ سيڙپ سان پالي
وڌيڪ ناڻو
ڪمائي سگھجي
ٿو. انهن مڇين
جي پالنا سولي
۽ آسان آهي تنهنڪري
ڪيترا ئي ماڻهو
انهن جي پالنا
کي ترجيح ڏين
ٿا. هي
مڇيون تمام
نازڪ هونديون
آهن پر پنهنجي
تڪڙي
واڌويجهه جي
ڪري تمام
منافع بخش
آهن. دنيا ۾ ڪيترن
ئي هنڌن تي
انهن کي گهرن
۾ پاليو وڃي
ٿو. پاڪستان ۾
پڻ ڪيترائي
ماڻهو پنهنجن
گھرن ۽ دڪانن
۾ انهن کي
پالي پنهنجي
روزي روٽي
ڪمائي رهيا
آهن. انهن جو
ڪجهه جنسون ته
هر مهيني ٻچا
ڏينديون آهن ۽
اهڙي طرح انهن
جي ڪاروبار ڪرڻ
سان هر مهيني
انهن کي وڪڻي
هڪ مستقل
روزگار
اختيار ڪري
سگهجي ٿو. خاص
طور عورتون
گھرن ۾خوبصورت
مڇين جي پالنا
ڪري پنهنجي
گھر جي آمدني
کي وڌائي سگھن
ٿيون.
رنگ
برنگي مڇيون
ڪيترن ئي قسمن
جون ٿينديون
آهن. ڪي تمام
ننڍيون ته ڪي
چڱيون خاصيون
وڏيون، ڪي
سنهڙيون
سيپڪڙيون ته
ڪي وري
ويڪريون، ڪي عام
مڇين وانگر ته
ڪي وري عجيب
وغريب شڪلين
واريون، ڪجهه
آنا ڏين ته
ڪجهه ٻچا.
مطلب ته اهي
ماڻهن لاءِ وڏي
وندر واريون
آهن.
رنگ
برنگي مڇين کي
مختلف طريقن
سان پالي سگھجي
ٿو. هنن مڇين
کي ڪچن يا پڪن
ٻنهي طرح جي
تلائن ۾ پالي
سگھجي ٿو پر
انهن جا تلاءَ
ننڍڙا
هوندا آهن ۽
انهن جي
گھرائي به گھٽ
رکي ويندي آهي
ته جيئن انهن
جي سٺي نموني
سنڀال ٿي سگهي
۽ اهي هر وقت
نظر ۾ رهن. رنگ
برنگي مڇين کي
سنهي پلاسٽڪ
جي ڄارين ۾ به
پاليو وڃي ٿو
جيڪي ڪنهن
تلاءَ يا ڪنهن
ڍنڍ يا گھٽ
وهڪري واري
واهه ۾ لڳائي سگهجن
ٿيون. انهن کي
پلاسٽڪ جي وڏي
ٽب کان علاوه
ٺڪر جي ٿانون
يا ڊرمن يا
ڪنهن به قسم
جي ٿانون ۾ پڻ پالي
سگھجي ٿو.
انهن کي
ايڪويريم يا
شيشي جي دٻن ۾
پڻ پالي سگھجي
ٿو. وڌيڪ
تفصيل هيٺ ڏنل
آهي.
·
ننڍن
تلائن يا کڏن ۾
پالنا
·
هاپن
۾پالنا
·
پلاسٽڪ
جي ٽب ۾ يا
ڪنهن به ٿانو
۾ پالنا
·
ايڪوريئم
۾ پالنا
انهن
تلائن لاءِ هر
طرح جي زمين
موزون آهي ۽ اهي
گھرن ۾ پڻ
ٺاهي سگهجن ٿا
ڇو ته اهي
ننڍڙا هوندا
آهن. پاڻي ڀرڻ
کان اڳ ڪچن
تلائن جي تري ۾
پلاسٽڪ جي ڪلي
(پوليٿن شيٽ)
وڇائڻ گھرجي
ته جيئن پاڻي
زمين ۾ جذب نه
ٿئي ۽ زمين جا
ڪيميائي جُذا
پاڻي تي اثر
انداز نه ٿين.
اهي تلاءَ
سيمينٽ سان به
ٺاهي سگھجن
ٿا. انهن جي گهرائي
عام طرح 1 کان 3
فٽ رکي وڃي ٿي.
پکي پکڻ ۽
شڪاري جانورن
کان بچاءُ لاء
انهن تلائن جي
چوڌاري ۽ مٿان
ڄاري لڳائي
وڃي ٿي. انهن
تلائن ۾ 2 چورس
فٽن تي هڪ مڇي
رکي سگهجي ٿي.
مثال طور 10×10 فٽ جي
هڪ کڏي ۾ 40 کان 50
مڇيون رکي
سگھجن ٿيون.
سنهي
ڄاري مان ٺهيل
پڃري کي هاپو
چوندا آهن، عام
طرح ان جي شڪل مستطيل
هوندي آهي.
ايئن کڻي
سمجهو ته هي
ڄاري مان ٺهيل
هڪ ننڍڙو
تلاءَ آهي. هاپا ڪنهن به
تلاءَ، ڍنڍ،
واهه يا حوض ۾
لڳائي سگھجن
ٿا. 15×10 جي هڪ
هاپي ۾ 40 کان 50
ٻچا ڏيندڙ
مڇيون رکي
سگھجن ٿيون.
هاپا اهڙي طرح
لڳائڻ گھرجن
جو ان ۾ مڇي کي
ڏسڻ يا مڇي کي
کاڌو ڏيڻ آسان
هجي.
ايڪوريئم
شيشي جو ٺهيل
ننڍڙو شفاف
ٽينڪ يا حوض
آهي يا ايئن
کڻي سمجهو ته
هي شيشي جو
پتڪڙو تلاءُ
آهي. هن ۾
خوبصورت مڇيون
۽ پاڻي جا ٻيا
جاندار ۽ ٻوٽا
عام طرح
سجاوٽ طور
پاليا وڃن ٿا
جيڪي هوٽلن،
شاپنگ سينٽرن
۽ ايئرپورٽ
وغيره تي عام
آهن. ايڪوريئم
جي سجاوٽ لاءِ
ان ۾ ملائم شيون،
سنها ۽ ننڍا
پٿر، پلاسٽڪ
جا ٻوٽا،
سپيون، ڪوڊ ۽
ٻيون به ڪيتريون
ئي شيون رکي
سگھجن ٿيون.
مڇيون ڇڏڻ کان
پوءِ ايڪوريم
کي ڄاري سان
ڏڪجي ۽ ان ۾
هوا
ڦوڪڻ لاءِ هڪ
ننڍڙو پمپ
جنهن کي
ائيريئٽر چيو
وڃي ٿو لڳائڻ
ضروري آهي.
مختلف
ماپ جا پلاسٽڪ
جا ٽب جيڪي
عام طور تي
گھرن ۾
استعمال ڪيا وڃن
ٿا انهن ۾ به
خوبصورت
مڇيون پالي
سگھجن ٿيون.
انهن کان
علاوه ڪنهن به
قسم جي ٿانو
يا برتن مثال
طور ٺڪر وارا
پاڻي جا گُند يا
ڀڳل ڊرم يا
ڪنهن ٻئي قسم
جي ٿانو ۾ پڻ
اهي مڇيون
پالي سگهجن
ٿيون. خاص طور
تي ٻچي ڏيڻ
واري مڇين جي
پالنا ٽب ۾ به
آساني سان ڪري
سگھجي ٿي.
ننڍن ٿانون ۾
پالنا دوران
ايڪوريم
وانگر ان ۾
هوا
ڦوڪڻ لاءِ هڪ
ننڍڙو پمپ جنهن
کي ائيريئٽر
چيو وڃي ٿو
لڳائڻ ضروري
آهي.
نسل
وڌائڻ واري
عمل کي بريڊنگ
چئبو آهي. زيبائشي
مڇين کي انهن جي
نسل وڌائڻ جي
طريقي ڪار جي
لحاظ سان ٻن
حصن ۾ ورهايو
وڃي ٿو.
1)
ٻچا
ڏيندڙ (Live Bearers): اهي
مڇيون جيڪي
پنهنجي نسل
وڌائڻ لاءِ
ٻچا ڏين انهن
کي
لائٌيوبيررز
يا ٻچا ڏيندڙ
مڇيون چئبو
آهي.
2)
آنا
ڏيندڙ (Egg Layers): اهي
مڇيون جيڪي
پنهنجي نسل
وڌائڻ لاءِ
آنا ڏين انهن
کي ايگ ليئرس
يا آنا ڏيندڙ
مڇيون چئبو
آهي.
1.
مولي
2.
گپي
3.
پليٽي
4.
سورڊ
ٽيل
1.
گولڊ
فش
2.
اينجل
فش
3.
شبن
ڪن
4.
ڪوئي
ڪارپ
نر ۽ حامله
مڇي جي سڃاڻپ
رنگ
برنگي مڇين ۾
مادي جي ڀيٽ ۾
نر وڌيڪ خوبصورت
هوندو آهي.
حاملا ماديءَ
جو پيٽ نرم ۽ سڄيل
هوندو آهي ۽
بالغ نر جي
سڃاڻپ هن جي
اڳين کنڀراٽي
مان ڪري سگھجي
ٿي جيڪا
بريڊنگ سيزن ۾
کهري ٿئي ٿي.
انهن مڇين
جي بريڊنگ
تمام سولي
نموني ڪرائي
سگھجي ٿي. ٻچا
ڏيندڙ مڇيون
تقريبن ٽن
مهينن ۾ بالغ
ٿين ٿيون ۽
بالغ ٿيڻ کان
پوء هر مهيني
ٻچا ڏين ٿيون. بالغ
مڇين کي بروڊر
چئبو آهي. ٻچا
ڏيندڙ مڇين ۾ مولي،
گپي ۽ پليٽي
شامل آهن. اهي
مڇيون تقريبن
20 کان وڌيڪ ٻچا
ڏين ٿيون. اهي
مڇيون پنهنجي
ٻچن کي
کائينديون
آهن تنهنڪري
انهن جي بچاءُ
لاءِ
جوڳا قدم
کڻجن. ٻچن کي
اهو خطرو
تقريبن 8 کان 10
ڪلاڪن تائين
هوندو
آهي.انهن جي
بچاء لاء مناسب
قدم کنيا وڃن.
·
جيئن
ته ٻچا ڏيندڙ
مڇيون نر ۽
مادي گڏ
پاليون وڃن
ٿيون تنهنڪري
اهي عام طرح
مناسب حالتون
مهيا ٿيڻ تي
لڳ ڪنديون آهن
۽ مادي جي پيٽ
۾ ٻچا پرورش
وٺن ٿا
تنهنڪري انهن
مڇين تي مڪمل
نظر رکڻ گھرجي
۽ انهن جي
خوراڪ جو خاص
خيال رکيو وڃي
۽ ويم لاءِ تيار
مادين جي
سڃاڻپ چڱي ريت
ڪرڻ بعد انهن
کي بريڊنگ
لاءِ
تيار ڪيل ٽب،
ايڪوريم،
هاپي يا تلاءَ
۾ منتقل ڪرڻ
گهرجي.
·
جيڪڏهن
مڪمل ضابطي
واري بريڊنگ
ڪرائڻي آهي ته
ان لاءِ
خاص انتظام
گهربل آهن. ان
لاءِ نر ۽ مادي
کي الڳ پالجي
۽ انهن کي لڳ
لاءِ
گڏ ڪجي ۽ ان
لاءِ هڪ نر
بروڊر سان 3
ماديون رکڻ گهرجن.
لڳ مڪمل ٿيڻ
بعد ماديون ۽
نر الڳ ڪجن ۽
مادين جي
خوراڪ جو خاص خيال
رکجي.
·
مادي
بروڊر جي
سڃاڻپ ان جي
پيٽ سان ڪئي
وڃي ٿي جيڪو
ڦوڪيل ۽ ملائم
هوندو آهي. نر
مڇيون مادي جي
مقابلي ۾ وڌيڪ
خوبصورت ٿين
ٿيون ۽ انهن
کي گونوپوڊيم
(جنسي عضوو)
هوندو آهي.
·
ويم
لاءِ
تيار مادين
جي سڃاڻپ چڱي
ريت ڪرڻ بعد
انهن کي
بريڊنگ لاءِ تيار
ڪيل ٽب،
ايڪوريم، هاپي
يا تلاءَ ۾
منتقل ڪرڻ
گهرجي.
·
بريڊنگ
لاءِ مناسب گرمي
پد يا درجه
حرارت 25 کان 28
سينٽي گريڊ
آهي.
·
بريڊنگ
لاءِ
مڇيون ڇڏڻ
کان پوءِ هنن
جو باقاعدگي
سان معائنو
ڪرڻ گھرجي.
·
ٻچا
ڏيڻ کان
پهريان مادي
سست ٿي ويندي
آهي ۽ چر پر
گھٽ ڪري
ڇڏيندي آهي ۽
عام طرح ڪنهن
ڪنڊ ۾ بيهي
رهندي آهي.
·
ٻچا
ڏيڻ کان پوءِ
مادي کي تمام
گھڻي بک لڳندي
آهي انهي ڪري انهن
جي کاڌ خوراڪ
جو خاص خيال
رکيو وڃي.
·
بريڊنگ
پوري ٿيڻ بعد ٻچا
ڪڍي احتياط
سان محفوظ هنڌ
منتقل ڪرڻ
گھرجن جيئن کڏو،
ايڪويريئم يا
ٽب وغيره يا
ماديون ٻي
جاءِ
منتقل ڪيون
وڃن.
·
پلاسٽڪ
جي ٽبن کي چڱي
طرح ڌوئي صاف
ڪجي.
·
جيڪڏهن
چار کان وڌيڪ
ماديون ٽب ۾
آهن ته ائيريئيٽر
(پاڻي ۾ هو
وجهڻ وارو
پمپ) هلائجي.
·
ٽوڪرين
کي ڪاٺي ۾
اٽڪائي ٽب جي
وچ ۾ رکجي جيئن
تصوير ۾
ڏيکاريل آهي.
·
هڪ
ٽوڪري ۾ هڪ مادي
رکڻ گھرجي ۽
ان جي چرپر تي
نظر رکجي.
·
بريڊنگ
کان پوءِ جلد
ئي مادي ۽ ٻچي
کي مناسب جاءِ
منتقل ڪجي.
·
ايڪورئيم
۾ پاڻي ڀري
ائيريئيٽر
هلائجي.
·
ايڪورئيم
۾ ڄاري جو
هاپو لڳائجي
ته جيئن بريڊنگ
ٿيڻ بعد بروڊر
آساني سان ڪڍي
سگهجن ۽ ٻچن
جي کي اتي رهڻ
ڏجي.
·
3×1.5
فٽ جي
ايڪورئيم ۾ 10
کان 15 بروڊر
رکي سگهجن ٿا.
·
ايڪورئيم
۾ ٽوڪري ذريعي
پڻ بريڊنگ
ڪرائي سگھجي
ٿي.
·
روزاني
ٽب ۽ ايڪوريم
جي تري جو
معائنو ڪجي
جيڪڏهن صفائي
جي ضرورت هجي
ته سنهي نلڪي
يا پائپ جي
مدد سان سائفن
ڪري تري مان
ڪچرو صاف ڪجي
انهن عمل کي
سائفنگ Siphoningچئبو آهي.
·
ٻن
هاپن کي هڪ
ٻئي مٿان ڊبل
ڪري لڳائڻ
گھرجي.
·
مٿئين
هاپي جا سوراخ
وڏا هئڻ گھرجن
۽ هيٺئين جا
ننڍا
ته جيئن
بريڊنگ بعد مٿيون
هاپو مٿي کڻڻ
سان بروڊر
سولائي سان
ڪڍي سگهجن ۽
ٻچا هيٺئين
هاپي ڏانهن
نڪري وڃن.
·
پاڻي
جي معيار کي
چيڪ ڪيو وڃي ۽
ان کي برقرار
رکيو وڃي ۽
ضروري درجه
حرارت جو خيال
رکيو وڃي.
·
چونڊيل
مادي بروڊر
نهايت احتياط
سان هاپن ۾
ڇڏيا وڃن.
·
10×5
ميٽر جي هاپي
۾ 50 کان 60 بروڊر
رکي سگهجن ٿا.
·
چونڊيل
بروڊر نهايت
احتياط سان کڏي
۾ ڇڏيا وڃن.
·
10× 10
فٽ جي تلاءَ ۾ 45
کان 50 بروڊر
رکجن.
·
کڏي
۾ هاپو لڳائي
ان ۾ به
ماديون رکي
سگهجن ٿيون
جيڪو بريڊنگ
يا ويم بعد
ڪنهن ٻئي هنڌ
منتقل ڪري
سگهجي ٿو اهڙي
طرح ٻچن کي به کڏي ۾
ٻوٽن جا ٽارا
پڻ وجھي سگهجن
ٿا. ٽارا
هميشه چڱي ريت
ڌوئي وجھڻ
گھرجن ۽ هر
ٻئي ڏينهن
انهن کي
بدلائڻ گھرجي.
·
پاڻي
جي معيار کي
برقرار رکيو
وڃي ۽ ان جو درجه
حرارت ضرورت
مطابق هئڻ
گھرجي.
انهن
مڇين کي پڪي
توڙي ڪچي
تلائن ۽ هاپن
۾ بريڊ ڪرائي
سگھجي ٿو. جيڪڏهن
ماحول ۽ مند
مناسب هجن ته
اهي مڇيون قدرتي
طور تي پاڻ
مرادو بريڊ ڪنديون
آهن.
·
10 ×5
فٽ جي تلاء ۾ 1.5
کان 2 فٽ پاڻي
ڀرجي.
·
تلائن
۾ ڦوهاري جو انتظام
پڻ رکجي.
·
هڪ
تلاء ۾ 3 کان 6
بروڊر رکڻ
گھرجن.
·
تلاء
۾ بروڊر 1:2 جي
تناسب سان
رکجن يعني هڪ
مادي سان ٻه
نر بروڊر
رکجن.
·
بروڊر
جي چونڊ ڪري
انهن کي پيٽ
صاف ڪرائڻ
واري عمل يعني
ڪنڊشنگ لاءِ تلاء
۾ ڇڏيو وڃي ۽
خوراڪ بند ڪئي
وڃي.
·
10×5
فٽ جي هڪ تلاء
۾ 1.5 کان 2 فٽ پاڻي
ڀري انهن ۾
پاڻي جو ڪو
نرم گاهه
وجھجي ۽ 6 کان 8
ڪلاڪن کان
پوءِ انهي تلاءَ
۾ بروڊر منتقل
ڪجن.
·
بريڊنگ
جي لاءِ مناسب
گرمي پد يا
درجه حرارت 18
کان 22 سينٽي
گريڊ آهي.
·
تلاءَ
۾ بروڊر رکڻ
جي 8 کان 12 ڪلاڪن
۾ مڇي آنا
لاهيندي.
·
بريڊنگ
کان پوءِ
بروڊرن کي الگ
تلاء ۾ منتقل
ڪجي.
·
انهن
مڇين جا آنا
چنبڙندڙ
هوندا آهن
تنهنڪري اهي گاهه
۾ چنڀڙي پوندا
آهن.
·
بريڊوڊر
منتقل ڪرڻ کان
پوء آنن کي
گاهه سوڌو صاف
ٽينڪ ۾ منتقل
ڪجي ۽ ڦوهارو
هلائي ڇڏجي.
·
3 کان
5 ڏينهن ۾ آنن
مان ٻچا
نڪرندا ۽ 3
ڏينهن تائين
اهي پنهنجي
جسم جي ذردي
مان غذائيت
حاصل ڪندا.
ذردي ختم ٿيڻ
کان اڳ ئي
انهن کي
هٿرادو خوراڪ ڏيڻ
شروع ڪجي ۽ ٽن (3)
ڏينهن بعد ٻچن
کي صاف تلاءَ
يا ٽينڪ ۾ منتقل
ڪجي ۽ هٿرادو
خوراڪ وڌائجي.
ٻچو ڳڻي منتقل
ڪرڻ گھرجي
مڇي
جي ٻچي کي
نرسري تلائن ۾
رکي سگھجي ٿو
پر جيڪڏهن
انهن کي نرسري
يا وڏي تلاءَ
۾ ڄار جي مدد
سان الگ الگ
حصا (هاپا)
ٺاهي رکجي ته
بهتر آهي ڇو
ته اهڙي طرح
انهن جي سنڀال
سولي ٿيندي ۽ انهن
جي واڌ ويجهه
تي به نظر رکي
سگهبي.
شروعاتي
ڏينهن ۾
آرناميٽل
مڇين جي ٻچن
کي اوٻاريل بيضي
جي زردي ۽
پائوڊر کير
نيڊو پاڻي ۾ حل
ڪري کارائڻ گھرجي
يا فلوٽر فيڊ
جو پوڊر ڪري
پڻ ڏئي سگھجي ٿو.
مڇين
کي کاڌو
کارائڻ واري
عمل کي فيڊنگ
چئبو آهي.رنگ
برنگي مڇين کي
هٿرادو ۽
قدرتي خوراڪ
ٻنهي ذريعي
پالي سگھجي
ٿو. هنن مڇين
کي 2 کان 5 سيڪڙو
جسم جي وزن
مطابق ڏينهن ۾
به کان ٽي
دفعا خوراڪ
ڏئي سگهجي ٿي.
·
زيبائشي
مڇين ۾ ڪجھه
مڇيون ساوڪ
سان لاڳاپيل
شيون کائن
جيئن ننڍڙا
خوردبيني
ٻوٽا (Phytoplankton)،
ڪجهه مڇيون
مڪس خوراڪ
جيئن ننڍڙا
خوردبيني ٻوٽا
(Phytoplankton) ۽ ننڍڙا
خوردبيني
جانور (Zooplankton) ۽
پاڻي جا ڪيڙا
۽ جيت جڙيا
وغيره کائن ۽
ڪجهه اهڙيون
به آهن جيڪي
گوشت خور آهن.
·
بهتر
پيداوار لاءِ
مڇي کي ان جي
قسم مطابق متوازن
خوراڪ ڏيڻ
گھرجي جنهن ۾
پروٽين يا لحميات
(Protein)، سڻڀ
(fat)، نشاستو (Carbohydrate)،
معدنيات ۽
وٽامن صحيح
مقدار ۾ موجود
هجن. زيبائشي
مڇين کي 25 کان 40
سيڪڙو پروٽين
واري خوراڪ
گھربل هوندي
آهي پر 28 کان 30
سيڪڙو پروٽين
هئڻ لازمي
آهي.
·
انهن
مڇين جو کاڌو
مارڪيٽ مان به
تيار ملي ٿو
جنهن کي فلوٽنگ
فيڊ چوندا آهن
·
زيبائشي
مڇين جو کاڌو
گھر ۾ به تيار
ڪري سگھجي ٿو.
گھربل
سامان
·
ٻه
انڊا
·
هڪ
ڪوپ ڪڻڪ جو
اٽو
·
هڪ
ڪوپ ڪٽي (چن)
·
هڪ
ڪوپ مڪئي جو
اٽو
·
هڪ
آئرن
ڪيپسول (پاوڊر)
·
هڪ
ملٽي وٽامن
ڪيپسول(پاوڊر)
·
ٻه
کائڻ جا چمچا
پالڪ يا ساوا
ڌاڻا (پيسٽ)
·
هڪ
ڪوپ نيڊو کير
جو پاوڊر
·
ٻه
چمچا ڪُڪنگ
تيل
اهي
سڀ اجزاء پاڻ
۾ چڱي طرح مڪس
ڪجن ۽ ان
خوراڪ کي ۲۴
ڪلاڪن اندر
مڇي کي کارائڻ
گھرجي.
زيبائشي
مڇين جي تلائن
کي ٻين مڇين
جي تلائن جيان
وٿاڻ جي ڀاڻ ۽ زرعي
ڀاڻ سان زرخيز
ڪري سگهجي ٿو.
ان سان انهن ۾
مڇي جي قدرتي
خوراڪ پيدا
ٿيندي ۽ مڇي
جي پيداوار ۾
اضافو ٿيندو.
وڌيڪ تفصيل
لاءِ ڏسندا: ”مڇي
جي تلاءَ ۾ زرخيزي
وڌائڻ لاءِ ڪيميائي
۽ وٿاڻ جي ڀاڻ جو
استعمال“
·
زيبائشي
مڇي جي پالنا
ننڍن تلائن يا
کڏن، ٽب يا
ڪنهن به مناسب
هنڌ
ڪري سگهجي
ٿي. ٻچو يا مڇي وجهڻ
بعد ان جي
مسلسل ۽ بهتر
طريقي سان
سارسنڀال ڪرڻ
ضروري آهي ته
جيئن ان مان
وڌ ۾ وڌ
پيداوار حاصل
ڪري سگھجي.
·
گرم
۽ ٿڌي موسم ۾ انهن
جي خاص سنڀال
جي ضرورت آهي تنهنڪري
اهڙي موسم ۾
تيز گرمي ۽ تيز
ٿڌ کان بچاءُ
لاءِ جوڳا
انتظام ڪرڻ
گھرجن
·
آڪسيجن
جي ڪمي بيشي
جو مڪمل خيال
رکيو وڃي ۽
پاڻي ۾ هوا
داخل ڪرڻ جو
جوڳو انتظام
ڪجي. جيڪڏهن
مڇيون گھڻي
تعداد ۾
پاڻيءَ جي
مٿاڇري تي اچي
وات کولي هوا
مان ساهه کڻڻ
جي ڪوشش ڪن ته
سمجهڻ گھرجي
ته آڪسيجن جي
گھٽيائي آهي
جنهن کي سنڌ ۾ مڇيءَ
جو ٻاڙو ڪرڻ
چئجي ٿو. اهڙي
حالت ۾ جلد
کان جلد تلاء
۾ تازو پاڻي
ڇڏجي، يا ڪنهن
طرح پاڻي ۾
حرڪت پيدا ڪجي
يا پاڻي جي
ڦوهاري جو
انتظام ڪجي. هن
عمل سان پاڻي
۾ هوا (آڪسيجن) حل
ڪري سگهجي ٿي.
·
مڇيءَ
کي روزانو صبح
۽ شام جي وقت
صاف سٿري ۽ جراثيمن
کان پاڪ خوراڪ
ساڳي هنڌ ۽ مقرر
وقت تي ڏيڻ
گھرجي.
·
مڇيون
جيڪڏهن پنهنجي
جسم کي تلاءَ
جي پاسن تي رڳڙن
يا غير ضروري انداز
۾ پاڻيءَ کان
مٿي ٽپو ڏينديون
هجن ته ان جو
گھڻي ڀاڳي
مطلب ڪنهن قسم
جي بيماري به ٿي
سگھي ٿي. ان
صورت ۾ ڪجهه مڇيون
ڪڍي انهن جو
غور سان
مشاهدو ڪيو
وڃي ۽ جيڪڏهن
ڪي جيت يا
ڪيڙا مڇي جي
جسم سان چنبڙيل
هجن يا ان جي
جسم جي ڪنهن
حصي تي داغ
ڌٻا هجن ته ان
کان ڇوٽڪاري
لاءِ
اپاءُ کڻڻ گھرجن.
·
اڪثر
رنگ برنگي
مڇيون پنهنجا
ٻچا
کائينديون
آهن ان ڪري
ٻچي ۽ وڏين مڇين
کي ڌار رکڻ
گھرجي.
·
زيبائشي
مڇيون پنهنجي
خوبصورت رنگن
جي ڪري ماڻهن
جي توجهه جو
مرڪز ته هونديون
آهن پر ان سان
گڏ انهن جي
رنگ برنگي هئڻ
ڪري نقصانڪار
پکين ۽ جانورن
کي به آساني
سان نظر اينديون
آهن جيئن
شڪاري پکي،
نانگ، ڳوهه ،
ڏيڏر وغيره
تنهنڪري انهن
جي بچاءُ لاءِ
تلاءَ کي چوڌاري
ڄاري سان بند
ڪجي ۽ مٿان پڻ ڄاري
لڳائڻ گھرجي.
·
پاڻيءَ
جي رستي يعني
انليٽ وٽان
گھٽ ۾ گھٽ 65 کان
70 سوراخ
واري ڄاري
لڳائڻ لازمي
آهي ته جيئن
ڪي به نقصان
ڏيندڙ مڇيون ۽
جانور يا فالتو
مڇيون اندر
داخل ٿي نه
سگھن.
·
ضرورت
آهر تلاءَ ۾ تازو
پاڻي ڇڏيو وڃي
ته جيئن پاڻي
جو بهتر معيار
برقرار رهي.
·
هفتي
۾ هڪ دفعو
هاپي ۽ اردن
پونڊ ۾ لوڻ
(ٽيبل سالٽ) پاڻي ۾
حل ڪري وجھجي
جيڪڏهن 10 × 10 جو
ننڍو هاپو يا کڏو
آهي ته ان ۾ هڪ
ڪوپ لوڻ پاڻي
۾ حل ڪري وجهجي.
·
ايڪورئيم،
پلاسٽڪ جي تري
واري کڏي ۽
هاپن کي هر
مهيني چڱي طرح
ڌوئي صاف ڪجي
۽ ٿي سگهي ته
سڪائجي ته
جيئن جراثيم ۽
نقصاند ڏيندڙ
جيتامڙا مري
وڃن.
مڇين
جي ڪامياب
پالنا لاءِ
ضروري آهي ته
پاڻي جي گهربل
معيار کي
برقرار رکجي
ان لاءِ ڪجھه
طبعي ۽
ڪيميائي
پيمانا هيٺ
ڏنل آهن جن کي
برقرار رکيو
وڃي.
هر
مڇي جي جنس جي
پنهنجي قوت
برداشت ٿئي
ٿي. ڪجھه
جنسون ٿڌي
پاڻي ۾ سٺي
واڌ ڪن ٿيون ۽
ڪجھه وري گرم
پاڻي ۾ رهن
ٿيون. هي
مڇيون عام طرح
25 کان 28 درجه
حرارت تي سٺي
واڌ ڪن ٿيون
تنهنڪري پاڻي
جي گھربل درجه
حرارت تي ضابطو
رکڻ تمام
ضروري آهي ڇو
ته ان جي گهٽ
وڌائي مڇي جي
واڌ ويج تي
اثر انداز ٿئي
ٿي ۽ مڇي جي
بيماري يا موت
جو سبب بڻجي
سگهي ٿي. درجه
حرارت ٿرماميٽر
جي مدد سان
معلوم ڪري
سگھجي ٿو جيڪو
ٿوري دير
لاءِ
پاڻي ۾ جهلي
بيهجي. جيڪڏهن
درجه حرارت
وڌيل يا گھٽيل
هجي ته پاڻي جي
ترت مٽا سٽا
ڪرڻ گهرجي.
چارديواري
اندر پالنا ۾
درجه حرارت
وڌائڻ لاءِ
هيٽر پڻ
استعمال ڪري
سگهجي ٿو.
مڇي
جي سٺي واڌ
لاءِ
پاڻي ۾ گھٽ ۾
گھٽ 5 پي پي ايم
آڪسيجن هئڻ
گھرجي. آڪسيجن
معلوم ڪرڻ
لاءِ
آڪسيجن ميٽر
استعمال ڪيو
ويندو آهي.
جيئن ته اهو
مهانگو پرزو
آهي تنهنڪري
آڪسيجن جي
گھٽتائي
معلوم ڪرڻ جو بهترين
طريقو هي آهي
تي مڇي جي صحت
۽ چرپر تي نظر
رکي وڃي. مڇي
جو بار بار
پاڻي مان منهن
ڪڍڻ يا پاڻي
جي مٿاڇري تي
اچڻ آڪسيجن جي
گهٽتائي کي
ظاهر ڪري ٿو
اهڙي صورتحال
۾ پاڻي ۾ هوا
داخل ڪرڻ ۽ ان
جي مقدار
وڌائڻ جو جوڳو
انتظام ڪجي.
ان لاءِ ڪنهن
طرح پاڻي ۾
حرڪت پيدا ڪجي
يا پاڻي جي
ڦوهاري يا
ائيريئٽر (Aerator)
جو انتظام
ڪجي. هن عمل
سان پاڻي ۾
هوا (آڪسيجن)
حل ڪري سگهجي
ٿي ٻي صورت ۾
ترت پاڻي جي
مٽاسٽا ڪرڻ
گهرجي.
پاڻي
۾ تيزابيت ۽
اساسيت جي
پيماني کي پي
ايڇ چئبو آهي.
پاڻي جي
تيزابيت ۽
اساسيت معلوم
ڪرڻ لاءِ پي
ايڇ پيپر يا
پي ايڇ ميٽر
جو استعمال ڪري
سگهجي ٿو. مڇي
لاءِ
پي ايڇ ۶.۵ کان
۸.۵ تائين هئڻ
گھرجي.
هي گيس
مڇي لاءِ تمام
هاڃيڪار آهي ۽
ڪوشش ڪجي ته اها
تلاءَ، ٽب يا
ايڪويريم ۾
جمع نه ٿئي.
امونيا گيس
کان بچڻ لاءِ
بهترين حل هي
آهي ته کاڌو
يا ڀاڻ ۽ مڇي
جو ڇيڻو تلاءَ
جي تري ۾ جمع
ٿيڻ نه ڏجي. ٽب
يا ايڪويريم
جي تري مان گند
روزاني سائفن
ڪجي ۽ تلاءَ
جي تري کي هر
مهيني جانچڻ
گهرجي ۽ گند
جمع ٿيڻ جي
صورت ۾ تلاءَ
جي تري جي
صفائي ڪجي.
سنڌ ۾
زيبائشي مڇين
جون خاص
مارڪيٽ ڪراچي
شهر جي علائقي
صدر، برنس روڊ
۽ لياقت آباد
(لالو کيت) ۾
آهن ان کان
علاوه
حيدرآباد ۽
ٻين ننڌي وڏي
شهرن ۾ به
انهن جو واپار
ٿئي ٿو. انهن
مڇين جو بين
الاقوامي
واپار تمام
گھڻو آهي، جيڪڏهن
انهن مڇين جي
سٺي نموني
پالنا ڪجي ته
انهن کي ملڪ
کان ٻاهر ٻين
ملڪن ۾ واپار
ڪري اڃا وڌيڪ
ناڻو ڪمائي
سگهجي ٿو.
ڪجهه
زيبائشي مڇين
جا نالا ۽
انهن جون
قيمتون هيٺ
ڏنل آهن.
مڇي
جو نالو |
ماپ |
لوڪل
قيمت في جوڙو |
مولي |
2 کان 3 انچ |
50 کان 60
رپيا |
گپي |
2 کان 3 انچ |
70
کان 80 رپيا |
پليٽي |
2 کان 3 انچ |
50 کان 60
رپيا |
شوبن ڪن |
7 انچ |
160 کان 200
رپيا |
گولڊ فش |
7 انچ |
250 کان 300
رپيا |
ڪوئي
ڪارپ |
1 ڪلو |
1000 رپيا |
ملڪي
ڪارپ |
1 ڪلو |
1000 رپيا |
نالو |
تعداد |
قيمت |
ٽوٽل
رپيا |
ٽب وڏا |
2 |
500 رپيا |
1000 رپيا |
ٽب ننڍا |
4 |
300 رپيا |
1200 رپيا |
ننڍي
ٽوڪريون |
8 |
60 رپيا |
420 رپيا |
ڪونهر |
8 |
500 رپيا |
4000 رپيا |
ايڪورئيم |
2 |
2000 رپيا |
4000 رپيا |
ايرئيٽر |
2 |
800 رپيا |
1600 رپيا |
اير يشن
بلوور |
4 |
250 رپيا |
1000 رپيا |
اسڪوپ
نيٽ |
2 |
250 رپيا |
500 رپيا |
نائلون
جي ڄاري (2 ميٽر) |
1 |
120 رپيا |
120 رپيا |
سائفنگ
پائپ (3 ميٽر) |
2 |
100 رپيا |
200 رپ#1662;يا |
آڪسيجن
سلينڊر۽
پائپ |
1 |
6000 رپيا |
6000 رپيا |
پيڪنگ
لاءِ ٿيليون
(ننڍي وڏيون) |
2 بنڊل |
80 رپيا |
160 رپيا |
ٽوٽل
خرچ |
|
|
20200 رپيا |
نالو |
قيمت
في جوڙو |
تعداد |
ڪل
قيمت |
وائٽ
مولي |
60 رپيا |
12 جوڙا |
720 رپيا |
بليڪ
مولي |
60 رپيا |
12 جوڙا |
720 رپيا |
گپي |
70 رپيا |
12 جوڙا |
840 رپيا |
پليٽي |
60 رپيا |
12 جوڙا |
720 رپيا |
ٽوٽل
خرچ |
|
|
3000 رپيا |
مڇي
جو نسل |
قيمت
في جوڙو |
ڪل
تعداد |
ڪل
آمدني |
وائٽ
مولي |
40 رپيا |
100 داڻا |
2000 رپيا |
بليڪ
مولي |
40 رپيا |
100 داڻا |
2000 رپيا |
گپي |
50 رپيا |
100 داڻا |
2500 رپيا |
پليٽي |
40 رپيا |
100 داڻا |
2000 رپيا |
ٽوٽل
آمدني |
|
|
8500
رپيا |
نوٽ:
اسان خريد جي
مقابلي ۾ مڇي
جي وڪري جي
قيمت ڄاڻي
واڻي گهٽ لکي آهي
ته جيئن
مارڪيٽ جي گھٽ
وڌائي کي منهن
ڏئي سگهجي.
کاڌخوراڪ |
بروڊر (10/3000) |
سامان
(10/20200) |
پيڪنگ
۽ مارڪيٽ
منتقلي |
ٽوٽل ماهوار
خرچ |
ڪمايل
رقم |
بچت |
1000
رپيا |
300 رپيا |
2020 رپيا |
1000 رپيا |
4320 رپيا |
8500 رپيا |
|
|