جانورن جي سار سنڀال تمام گهڻي اهميت رکي ٿي ڇو ته جيستائين انهن جي سٺي طريقي سان سارسنڀال نه ڪنداسين ته انهن مان فائدو حاصل نه ڪري سگهنداسين. جانورن جي صحيح طريقي سان سار سنڀال هيٺ ڏنل طريقي مطابق ڪرڻ گهرجي
.وٿاڻ جي بناوت اهڙي هئڻ گهرجي جو ان ۾ تازي هوا ۽ اس جو گذر صحيح نموني ٿي سگهي ۽ وٿاڻ خشڪ رهي
وٿاڻ واري جڳهه مٿاهين ۽ هموار هجڻ لازمي آهي ڇو ته هيٺاهين جڳهه جو نيڪال مشڪل سان ٿيندو آهي ۽ مينهن پوڻ جي صورت ۾ گندو پاڻي وٿاڻ ۾ بيهي رهندو آهي جنهن سان گندگي ۽ پوسل وڌندي ۽ جانور بيمار ٿيندا
جانورن جي بيهارڻ واري جڳهه مناسب هجي. وٿاڻ جي صفائي روزانو ڪرڻ گهرجي ۽ هر 15 ڏينهن کانپوءِ چونو هارڻ گهرجي ته جيئن جانور يا ماڻهو اندر اچي ته ان جي پيرن ۾ موجود جيوڙا چوني سان ملي مري وڃن ۽ وٿاڻ ۾ داخل نه ٿين. وٿاڻ ۾ پوسل نه هئڻ گهرجي
جانورن جي خوراڪ به تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، کير ڏيندڙ جانورن ۽ ڍڪپڻ دوران وڌيڪ خوراڪ جي ضرورت پوندي آهي. بهه يا پلال ۽ سائي گاهه سان گڏ طاقت وارا کاڌا مثال طور داڻو ۽ کڙ وغيره پڻ ضرورت مطابق ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن جانورن کي ضروري غذائي جزا نه ڏبا ته جانور پيداوار گهٽائيندا ۽ ڪمزور ٿيندا ۽ نتيجي طور مختلف بيمارين جو شڪار ٿي ويندا
پاڻي ۽ لوڻ جانورن جي واڌ ويجهه ۽ پيداوار لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا تنهنڪري 24 ڪلاڪ پاڻي جانور جي پهچ ۾ هجي ۽ سينڌي لوڻ جو ڳوڙهو جانور جي آهوري ۾ يا ان جي اڳيان لڙڪيل هئڻ گهرجي. تجربي مان ثابت ٿيو آهي ته 24 ڪلاڪ صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ لوڻ جي موجودگيءَ سان سراسري طور في جانور هڪ ليٽر کير جو اضافو ٿي سگهي ٿو
کير جا ٿانو چڱي طرح صاف ڪرڻ گهرجن ۽ کير ڏهڻ کان اڳ پنهنجا هٿ به چڱي طرح صابڻ سان ڌوئي صاف ڪجن، کير ڪڍڻ کان اڳ جانور جو اوهه ۽ ٿڻ پڻ سٺي نموني صاف ڪجن
ڍڪين مينهن ۽ ڳئن جي صحيح نموني سان سار سنڀال ڪرڻ تمام گهڻي اهم آهي ڇو ته ان مان آئنده ڦر ۽ وڌيڪ کير حاصل ڪرڻو هوندو آهي، انهي ڪري جانورن جي وهڪي وڃڻ کان ويندي ڦر ڄڻڻ تائين انهن جي رهائش ۽ خوراڪ تي ڀرپور توجهه ڏيڻ ضروري آهي
ڦر ڄڻڻ کان هڪ يا ڏيڍ مهينو اڳ جانورن کي چرڻ لاءِ ٻاهر نه موڪلڻ گهرجي جيئن گهڻي هلڻ ڪري ٿڪجي نه پوي ۽ وڌيڪ آرام پڻ حاصل ڪري سگهي. انهيءَ سان گڏ جانور جي کاڌي ۾ اناج پڻ شامل ڪرڻ گهرجي ائين ڪرڻ سان ڦر جي صحت تي سٺو اثر پوندو