Farming Pakistan فارمنگ پاڪستان
  • Home
  • Farming systems کاشتکاری کے نظام
    • Aquaculture فش فارمنگ >
      • Basics of aquaculture فش فارمنگ کیلئے مفید مشورے
      • Cost Estimate for Fish Farming فش فارم کیلئے لاگت اور آمدنی کا تخمینہ
      • Use of Fertilizer in aquaculture مچھلی کی پیداوار بڑھانے کیلئے کیمیکل
      • How to install sock filter in fish pond تالاب میں جالی کیسے نصب کریں
      • How much fish seed should I stock? and Why? تالاب میں کتنی مچھلی ڈالیں، اور کیو&#
      • Fish seed calculator تالاب میں کتنا فش سیڈ ڈالیں
      • Rice-Fish Farming دھان کیساتھ مچھلیوں کی افزائش
      • Duck-Fish Farming مچھلیوں کے ساتھ بطخیں پالیں
      • Catfish Farming کیٹ فش فارمنگ
    • Livestock rearing مویشیوں کی افزائش >
      • How to increase milk production مویشیوں کے دودھ میں اضافے کا آسان طریق
      • Animal Care مویشیوں کی دیکھ بھال
      • Livestock Vaccination Schedule ​جانوروں کو ٹیکے کب لگانے چاہئیں
      • Mastitis ​مویشیوں کے تھنوں کی بیماری
      • ​گندم یا دھان کی بھوسی کی غذائیت بڑھانے کیل&#
      • Taking care of Calf بچھڑوں کی دیکھ بھال
    • Desert Farming​ بنجر زمین، ریگستان اور کھارے پانی میں ف&# >
      • Desert / Arid Land Farming ​صحرا اور بنجر زمین میں فارمنگ
      • Cultivating deserts and arid lands with fish
      • Saline Farming in Coastal Areas ​ساحلی علاقوں میں فارمنگ
      • Using saline water for aquaculture
      • ​​زیر زمین کھارے پانی میں مچھلی کی ​افزائش
  • Backyard Farming گھریلو فارمنگ
    • Kitchen Gardening کچن گارڈن >
      • How to grow plants in containers گملوں میں پودے کیسے لگائیں
      • Planting Different Vegetables مختلف سبزیاں اگانے کا طریقہ
    • Fancy Bird Farming رنگین پرندوں کی افزائش
    • Aquaponics ​مچھلیوں کیساتھ سبزیوں کی کاشت
    • Rabbit Farming خرگوش کی افزائش
    • Poultry Farming گھریلو پولٹری فارمنگ
    • Ornamental Fishes رنگین مچھلیوں کی افزائش
    • Floating Vegetable Gardens فلوٹنگ گارڈن یا تیرنے والے باغ
  • Water Harvesting پانی کے حصول کے دانشمندانہ طریقے
    • How to wisely harvest water - پانی کے حصول کے دانشمندانہ طریقے
    • CHECK DAMS برساتی پانی کو اسٹور کرنے کیلئے چیک ڈیم ب 
    • Solar Pump building سولر پمپ کیسے بنائیں
  • Alternative Energy متبادل توانائی
  • Training Registration
  • Volunteer Registration
  • Survey سروے
  • Fish Farming Blog فش فارمنگ بلاگ

بهه ۾ يوريا ملائي ان جي غذائيت وڌائڻ​
Picture
    ڪڻڪ جي بُهه يا سارين جي پراڙ (پلال) جي غذائيت وڌائڻ لاءِ ان ۾ يوريا ۽ ٻيا اجزا شامل ڪيا ويندا آهن ته جيئن انهن ذريعي جانورن جي صحت بهتر ٿئي ۽ انهن جي کير ۽ گوشت جي پيداوار وڌائي سگهجي. بهه يا پلال سان يوريا ملائڻ سان ان ۾ پروٽين جو مقدار ۽ ٻي غذائيت وڌي وڃي ٿي
تيار ڪرڻ جو طريقو؛
    بُهه يا پراڙ (پلال) جو ايترو مقدار کڻو جيترو توهان پنهنجي جانورن کي چئن هفتن تائين کارائڻ گهرو ٿا. هر ۲۵ ڪلوگرام بُهه يا پلال جي لاءِ هڪ ڪلوگرام يوريا جي ضرورت ٿيندي. هڪ ڪلوگرام يوريا کي ڏهه لٽر پاڻيءَ ۾ ملائيندا. هٿ يا ڪاٺي سان يوريا کي پاڻي ۾ ملائي حل ڪرڻ گھرجي. جڏهن يوريا پاڻي ۾ چڱي طرح ڳري وڃي ته ان کي بُهه تي ڇنڪار (ڦوهارو) ڪجي ۽ ان کي اهڙي طرح ڇنڪار ڪجي جيئن بُهه هڪ ڪرو ڀِڄي وڃي. جيڪڏهن بهه يا پلال جو مقدار وڌائڻو آهي ته يوريا به ان حساب سان وڌائڻ گهرجي. ياد رکڻ گهرجي ته وڌيڪ ٿلها تهه نه ٺاهيا وڃن ڇو ته ان صورت ۾ يوريا مليل پاڻي بُهه ۽ پلال سان هڪ ڪرو نٿو ملائي سگهجي. وڌ ۾ وڌ ۱۰۰ ڪلوگرام هڪ جاءِ  تي ٺاهڻ گهرجي. ان کان وڌيڪ پلال يا بُهه ۾ يوريا هڪ ڪرو ملائڻ ڏکيو ٿيندو. بُهه يا پلال کي يوريا جو ڇنڪار ڪرڻ کان پوءِ پيرن سان خوب دٻائي پلاسٽڪ شيٽ سان اهڙي طرح سان ڍڪي ڇڏجي جيئن هوا جو داخل ٿيڻ يا ٻاهر نڪرڻ جو انديشو نه رهي. ان لاءِ بهتر آهي ته پلاسٽڪ شيٽ جي ڪنارن تي نرم مٽي جو ليپو ڏئي ڇڏجي ته جيئن هوا جي اچ وڃ مڪمل طرح سان بند رهي سگهي. ان جو ٻيو آسان طريقو اهو آهي ته ان يوريا مليل بُهه يا پلال کي ٿلهي پلاسٽڪ جي ٻوري ۾ سيل بند ڪجي. ان چاري کي گھٽ ۾ گھٽ چار هفتن تائين ايئن رهڻ ڏجي اهڙي طرح ان ۾ فائديمند بيڪٽيريا خمير جي عمل ذريعي بُهه يا پلال جي غذائي طاقت ۾ واڌارو آڻيندا ۽ چئن هفتن کان پوءِ  اهو پلال يا بُهه هڪ بهترين خوراڪ ۾ تبديل ٿي ويندو ۽ اهو مال لاءِ  بهترين خوراڪ جو ذريعو هئڻ سان گڏ ان جو ذائقو به مال لاءِ  پسنديده ٿي ويندو. ان چاري کي ڪيترن ئي مهينن تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو
اڳواٽ منصوبه بندي؛
    جيئن ته يوريا مليل بُهه يا پلال چئن هفتن ۾ تيار ٿيندو ۽ اهو ۴ هفتن کان پوءِ ئي مال کي کارائي سگهجي ٿو. ان ڪري مالدار دوستن کي گهرجي ته اهي ان جي اڳ ۾ ئي ان جي پلاننگ ڪن ته جيئن چار هفتن بعد اهو مال کي کارائڻ لاءِ  تيار هجي. جڏهن چار هفتا پورا ٿين ته ان ڍير مان يوريا مليل بهه يا پلال مال کي کارائڻ شروع ڪري سگهجي ٿو. جيئن ته ان جي تياري ۾ چار هفتا چڳو وڏو عرصو آهي تنهنڪري مالوندن کي گهرجي ته هڪ ڍير کولڻ بعد جلد ئي ٻيو بُهه يا پلال جو ٻيو ڍير ٺاهي ان کي يوريا جي ڇنڪار بعد ڍڪي ڇڏين ته جيئن جڏهن کليل ڍير ختم ٿئي ته ان کان اڳ ئي بهترين ڪوالٽي جو ٻيو چارو تيار هجي ۽ مال لاءِ  سٺي خوراڪ جي گهٽتائي نه ٿئي

مال لاءِ  نقصان جو انديشو؛
 جيئن ته هن ۾ يوريا جو گهٽ مقدار يعني فقط چار سيڪڙو (۱۰۰ ڪلوگرام بُهه يا پلال ۾ فقط ۴ ڪلوگرام) استعمال ڪجي ٿو تنهنڪري ان سان جانورن کي ڪو به نقصان نٿو  پهچي پر ان بجاءِ  ان چاري جي غذائيت ۽ ڪوالٽي وڌي وڃي ٿي تنهنڪري اهو بهتر ٿيندو ته مال کي سادي خشڪ چاري جي بجاءِ  يوريا جي استعمال ذريعي ان جي غذائيت ۽ ڪوالٽي ۾ اضافو ڪري مال کي کارايو وڃي. هي مال جي صحت، کير۽ گوشت ۾ واڌاري لاءِ  هڪ بيش بها نسخو آهي 

Further Reading
Powered by Create your own unique website with customizable templates.