Farming Pakistan فارمنگ پاڪستان
  • Home
  • Farming systems کاشتکاری کے نظام
    • Aquaculture فش فارمنگ >
      • Basics of aquaculture فش فارمنگ کیلئے مفید مشورے
      • Cost Estimate for Fish Farming فش فارم کیلئے لاگت اور آمدنی کا تخمینہ
      • Use of Fertilizer in aquaculture مچھلی کی پیداوار بڑھانے کیلئے کیمیکل
      • How to install sock filter in fish pond تالاب میں جالی کیسے نصب کریں
      • How much fish seed should I stock? and Why? تالاب میں کتنی مچھلی ڈالیں، اور کیو&#
      • Fish seed calculator تالاب میں کتنا فش سیڈ ڈالیں
      • Rice-Fish Farming دھان کیساتھ مچھلیوں کی افزائش
      • Duck-Fish Farming مچھلیوں کے ساتھ بطخیں پالیں
      • Catfish Farming کیٹ فش فارمنگ
      • Feed Formulation فیڈ کیسے بنائیں
    • Livestock rearing مویشیوں کی افزائش >
      • How to increase milk production مویشیوں کے دودھ میں اضافے کا آسان طریق
      • Animal Care مویشیوں کی دیکھ بھال
      • Livestock Vaccination Schedule ​جانوروں کو ٹیکے کب لگانے چاہئیں
      • Mastitis ​مویشیوں کے تھنوں کی بیماری
      • ​گندم یا دھان کی بھوسی کی غذائیت بڑھانے کیل&#
      • Taking care of Calf بچھڑوں کی دیکھ بھال
    • Desert Farming​ بنجر زمین، ریگستان اور کھارے پانی میں ف&# >
      • Desert / Arid Land Farming ​صحرا اور بنجر زمین میں فارمنگ
      • Cultivating deserts and arid lands with fish
      • Saline Farming in Coastal Areas ​ساحلی علاقوں میں فارمنگ
      • Using saline water for aquaculture
      • ​​زیر زمین کھارے پانی میں مچھلی کی ​افزائش
  • Backyard Farming گھریلو فارمنگ
    • Kitchen Gardening کچن گارڈن >
      • How to grow plants in containers گملوں میں پودے کیسے لگائیں
      • Planting Different Vegetables مختلف سبزیاں اگانے کا طریقہ
    • Fancy Bird Farming رنگین پرندوں کی افزائش
    • Aquaponics ​مچھلیوں کیساتھ سبزیوں کی کاشت
    • Rabbit Farming خرگوش کی افزائش
    • Poultry Farming گھریلو پولٹری فارمنگ
    • Ornamental Fishes رنگین مچھلیوں کی افزائش
    • Floating Vegetable Gardens فلوٹنگ گارڈن یا تیرنے والے باغ
  • Water Harvesting پانی کے حصول کے دانشمندانہ طریقے
    • How to wisely harvest water - پانی کے حصول کے دانشمندانہ طریقے
    • CHECK DAMS برساتی پانی کو اسٹور کرنے کیلئے چیک ڈیم ب 
    • Solar Pump building سولر پمپ کیسے بنائیں
  • Alternative Energy متبادل توانائی
  • Training Registration
  • Volunteer Registration
  • Survey سروے
  • Fish Farming Blog فش فارمنگ بلاگ

How to install sock filter in fish pond to stop unwanted fish

مڇي جي تلاءَ ۾ اڻگھربل مڇين کان بچاءُ لاءِ فلٽر ڪيئن لڳائجي

            مڇيءَ جي بهتر پيداوار وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته پاليل مڇيءَ کانسواءِ ڌارين مڇين يا انهن جي آنن ۽ ٻچن کي تلاءَ اندر گهڙڻ کان روڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻاهرين مڇي نه فقط پاليل مڇيءَ جي خوراڪ کائي ٿي پر سوڙهه ۽ آڪسيجن جي ڪمي کان علاوه ٻين ڪيترين ئي خرابين جو سبب به بڻجي ٿي. نتيجي ۾ پاليل مڇيءَ جي واڌ تي منفي اثر ٿئي ٿو ۽ جڏهن مڇي ڪڍڻ جو وقت اچي ٿو ته خبر پئي ٿي ته پاليل مڇي ته فقط پاءُ يا اڌ ڪلو مس ٿي آهي.

جهڙي نموني سان زرعي فصلن مان گندگاهه صاف ڪرڻ سان پيداوار ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ پولٽري فارم مان هر قسم جي جيوت ختم ڪرڻ سان ڪڪڙ ڇهه هفتن ۾ڪلو ڏيڍ جا ٿي وڃن ٿا، ڇو ته انهن کي ڏنل ڀاڻ ۽ خوراڪ ۾ غير ضروري ٻوٽا يا جانور حصيدار نه آهن. ساڳيو ئي اصول پڻ مڇي تي لاڳو ٿئي ٿو تنهنڪري جيڪڏهن ڄاري نه لڳائبي ته ڪيترن ئي قسمن جون اڻ گهربل مڇيون تلاءَ ۾ ڪهي اينديون، جيڪي مڇي جي خوراڪ تي قبضو ڄمائينديون ۽ جلد ئي آنا ٻچا ڏئي پنهنجو ڪٽنب وڌائينديون ۽ پاليل مڇي جي خوراڪ چٽ ڪري وينديون ته ڇا ان حالت ۾ پاليل مڇي وڌي ويجهي سگهندي؟ جواب صاف ظاهر آهي ”نه“ اهي سائيز ۾ ننڍيون رهجي وينديون. اهم ڳالهه اها آهي ته اڪثر اڻگھربل مڇيون ننڍي سائيز جون هونديون آهن ۽ اهي عام طرح تلاءُ جي تري ۾ رهنديون آهن تنهنڪري انهن جي خبر به نه پوندي آهي پوءِ ڀل اهي هزارن جي تعداد ۾ هجن. اڻگھربل مڇيون پاليل مڇي جي خوراڪ تي پنهنجي قد بت ۽ خاندان ۾ واڌارو ڪنديون رهنديون آهن ۽ اسان ان خوشفهمي ۾ هوندا آهيون ته تلاءَ اندر فقط اسان جون پاليل مڇيون وڌن ويجهن ٿيون. تنهن کانسواءِ جيڪڏهن ڄاري نه هوندي ته ڄرڪيون، سينگاريون ۽ ٻيون شڪاري مڇيون اندر داخل ٿي پاليل مڇيءَ کي ڳڙڪائي وينديون. اهي ٻئي نقصان اهڙا آهن جن کان بچڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان جو واحد رستو تلاءَ ۾ پاڻي اچڻ ۽ نڪرڻ واري رستي سان ڄاري لڳائڻ آهي. پاڻي جي داخلا واري هنڌ واري ڄاري وڌيڪ اهم آهي.

ڄاري جي سائيز
ڄاري تمام سنهي هجي ته جيئن فالتو مڇيءَ جو سنهي ۾ سنهو ٻچو ۽ آنا پڻ تلاءَ ۾ داخل نه ٿي سگهن ۽ پاليل ٻيجو به ٻاهر نه وڃي سگهي. ان مقصد لاءِ 60 سوراخ في انچ واري جاري استعمال ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ اها موجود نه هجي ته پوءِ وڌ ۾ وڌ 40 سوراخ في انچ واري ڄاري استعمال ڪري سگهجي ٿي. ان کان ويڪري ڄاري جو استعمال بي سود آهي. ڪوشش ڪجي ته 60 سوراخ جي نمبر واري يا ان سان ويجهي ترين نمبر واري ڄاري خريد ڪجي.

پر عام طور تي ڏٺو اهو ويو آهي ته اڪثر فارمر ڄاري لڳائڻ ضروري نه ٿا سمجهن ۽ وري جن کي ان ڳالهه جي اهميت جي ٿوري گھڻي سُڌ آهي اهي ڄاري خريد ڪرڻ مهل انهن ڳالهين تي ڌيان ڪون ڏين ۽ ننڍي وڏي هر قسم جي ڄاري کي هڪ جهڙو فائديمند خيال ڪن. اهڙي طرح نه فقط اهي پنهنجو وقت برباد ڪندا آهن پر ان سان گڏ ان لاپرواهي جي ڪي پنهنجي موڙي به وڃائي ويهن ۽ ان جو الزام ٻج يا پاڻي جي خرابي يا ٻي ڪنهن ڳالهه کي ڏين ۽ اهڙي طرح مڇي جي پالنا کي خيرباد چئي ڇڏين.

ڄاريءَ جا قسم
مڇي جي فارم ۾ عام طرح پلاسٽڪ واري ڄاري استعمال ڪئي ويندي آهي، جيڪا ڪپڙي وانگر هوندي آهي. ان کان علاوه المونيم ۽ اسٽين ليس اسٽيل جي ڄاري پڻ استعمال ڪئي وڃي ٿي پر انهن جو استعمال مهانگي هئڻ سبب گهٽ آهي. ان کان علاوه لوهه جي ڄاري پڻ استعمال ٿئي ٿي، پر اها ڪتب نه آڻجي ته بهتر آهي، ڇو ته اها ٿوري وقت ۾ ئي زنگجي وڃڻ ڪري ڪم جي نه رهندي.

ڄاري هڻڻ جو طريقو
ڄاري جو ٻوري وانگر ويڪرو ٿيلهو ٺاهي تلاءَ جي اندرين طرف پائيپ جي منهن ۾ لڳائڻ گهرجي ۽ ٻه ٿيلها ڊبل ڪري هڪ ٻئي جي مٿان لڳائجن ته جيئن اڻ گهربل مڇين جا آنا ۽ ننڍا ٻچا به اندر داخل نه ٿي سگهن ۽ پاڻي نقصان ڏيندڙ جيوت کان پاڪ ٿي تلاءَ ۾ داخل ٿئي. ڄاري پائيپ جي منهن تي مضبوطي سان ٻڌڻ گھرجي، جيئن هيٺ تصوير ۾ ڏيکاريل آهي. جڏهن ته پائيپ جي ٻاهرين ڇيڙي وٽان مٿي ڄاڻايل سائيز کان ويڪري سوراخن واري ڄاري پڻ لڳائڻ گهرجي ته جيئن گند ڪچرو ۽ غير ضروري مڇيون ۽ جانور پائيپ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي روڪي سگهجن، اهڙي طرح اصل ڄاري کي نقصان نه پهچندو. اها ڄاري المونيم اسٽيل، يا لوهه جي به ٿي سگهي ٿي ۽ ڪانن يا سنهين ڪاٺين جي پتر پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿي. اها ڄاري اهڙي نموني لڳائجي ته جيئن پاڻي ان جي ٻاهرين پاسن کان نه وڃي سگهي ۽ سمورو پاڻي ڄاري وسيلي ئي اچي.

ڄاري جي حفاظت ۽ سار سنڀال
            جيئن ته هاڻ اسان کي خبر آهي ته ڄاري تلاءُ جي پيداوار ۾ هڪ ننڍڙو پر اهم ۽ ڪارائتو پرزو آهي. تنهن ڪري روزانو ان جي سار سنڀال ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن سوراخ وغيره ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ان جي مرمت ڪجي يا ان کي تبديل ڪيو وڃي. تنهنڪري هڪ واڌاري جاري موجود رکڻ گھرجي ته جيئن ضرورت پوڻ تي فورن لڳائي سگهجي.

ڌاري مڇي جي تلاءَ ۾ داخلا کان روڪڻ لاءِ  تمام ضروري قدم کڻجن ۽ اهو يقيني بڻائجي ته ڌاري مڇيءَ جو ننڍي ۾ ننڍو ٻچو يا آنا به تلاءَ اندر داخل ٿي نه سگھن. جيڪڏهن چند ڌاريون مڇيون به تلاءُ اندر داخل ٿي ويون ته سمجهو فارمنگ جو مقصد ئي فوت ٿي ويو. ان جو مثال ايئن کڻي وٺو ته جيڪڏهن پولٽري فارم جي ڄاري کي ٽنگ هجن ته ڇا جهرڪيون ۽ ٻيا پکي ڪڪڙن جي خوراڪ چڳي نه ويندا؟ ۽ ان صورت ۾ ڇا ڪڪڙ پلجي سگهندا؟ ضرور توهان جو جواب  ”نه“  هوندو. ساڳي طرح مڇي جي تلاءَ ۾ به جيڪڏهن ڄاري نه هوندي يا ٽٽل ڦاٽل هوندي يا ان جا سوراخ وڏا هوندا ته ڌاري مڇي تلاءَ ۾ داخل ٿي پنهنجو ڪٽنب وڌائيندي ۽ اوهان کي خبر به نه پوندي ته ڪو اوهان جي مڇي جي خوراڪ تي ڌارين مڇين جو قبضو آهي ۽ اوهان جي مڇي وڏي ٿيڻ کان لاچار آهي ۽ اوهان جو پيسو پاڻي هيٺ ٻڏندو وڃي. اڻڄاڻائي جي ڪري اهڙي نقصان بعد اوهان يقينن ٻيهر فش فارمنگ ۾ هٿ نه وجهندا ۽ اسان اهو نه ٿا چاهيون. تنهنڪري مڇي جي پالنا لاءِ  تمام ضروري معلومات تي عمل ڪريو ۽ فش فارمنگ مان منافعو ڪمايو.

الله اوهان جي روزگار کي ترقي ڏئي، آمين ۽ اسان کي به پنهنجي دعائن ۾ ياد رکندا.
 
(وڌيڪ معلومات لاءِ هتي رابطو ڪريو)
Powered by Create your own unique website with customizable templates.